حڪومت اڳ ئي اپوزيشن جون ڳالهيون ڪري ھا ته اڄ اھڙيون حالتون ن ھجن ھا جڏھن اپوزيشن حڪومت سان ڳالهيون ڪرڻ چاھي پئي: خورشيد احمد شاھ

سکر(رپورٽ .امداد علي گل ڪلوڙ )خورشيد احمد شاهه آمدن کان وڌيڪ اثاثا ريفرنس ڪيس جي ٻڌڻي ٿي آھي
خورشيد احمد شاھ کي اين آئي سي وي ڊي اسپتال کان ايمبولينس ذريعي سخت سيڪيورٽي انتظامن هيٺ احتساب عدالت آندو ويو ،امدن کان وڌيڪ اثاثا ريفرنس ڪيس ۾ نامزد صوبائي وزير اويس قادر شاھ ، فرخ شاھ ، زيرڪ شاھ، جنيد شاھ ، ٺيڪيدار اڪرم پٺاڻ ، ۽ ٻيا جوابدار عدالت۾پيش ٿيا ،جوابدار ڌر جوھڪ وڪيل پيش نه ٿيڻ تي عدالت اڌ ڪلاڪ لاء ٻڌڻي ملتوي ڪئي اڌ ڪلاڪ بعد ڪاروائي شروع ڪئي وئي نيب پراسڪيوٽر طرفان ڪاغذ مڪمل ڪرڻ لاء عدالت کان مھلت گھري ورتي ، جنھن تي عدالت نيب پراسڪيوٽر جي مھلت واري استدعا تي ٻڌڻي 14ڊسمبر ملتوي ڪري ڇڏي آمدن کان وڌيڪ اثاثا ريفرنس ڪيس ۾ نامزد صوبائي وزير اويس قادر شاھ ،ايم پي اي فرخ شاھ ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا، ياد رھي ته احتساب عدالت خورشيد شاهه سميت 18 جوابدارن تي ھڪ ارب 23 ڪروڙ روپين جو ڪرپشن ريفرنس تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو ھو ، خورشيد شاھ عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالھيندي خورشيد شاھ چيو آھي ته ڏسڻ گھرجي ته اسٽيفا ڏيڻ جون حالتون ڇو پيدا ٿيون، حڪومت اڳ ئي اپوزيشن جون ڳالهيون ڪري ھا ته اڄ اھڙيون حالتون ن ھجن ھا جڏھن اپوزيشن حڪومت سان ڳالهيون ڪرڻ چاھي پئي ان وقت آھي حالتون اھڙيون حالتون ن ھيون ، خورشيد شاھ چيو ت اين آر او جون ڳالهيون ڪيون پيون وڄن اين آر او ڏيڻ حڪومت جي ھٿ آھي ئي ن ، خورشيد شاھ چيو ته پي ڊي ايم کي لاھور ۾ جلسو ڪرڻ ڏنو ويو ته معاملا ڳالهين طرف وڌي سگھن ٿا ،جي رڊڪون وڌيون ويون ت معاملا ڳالهين جي ميز تي نه اچي سگھندا ،ھڪ سوال جي جواب ۾ خورشيد شاھ چيو ته سنڌ حڪومت جي اسٽيفائن بابت فيصلو چئيرمين ڪندو ھن چيو ته پاور ۽ اقتدار وڄڻ وڏي ڳالهه ناھي ،ضياء جي دور ۾ اسان پاور ۽ ذوالفقاربٽو کي وڄايو ، بينظير ملڪ لاء جھموريت لاء قربان ٿي وئي ھن چيو ته بس خيال رکڻ گھرجي ته رياست کي ڪو نقصان نه ٿئي،پارليامينٽ جو مدو چار سال ٿيڻ گھرجي اھو مشورو مون نواز شريف کي به ڏنو ھو ،پر ان عمل نه ڪيو مان ايمانداري جي سزا بوڳي رھيو آھيان ،جھموريت لاء قربان ٿيڻ لاء تيار آھيو
عمران خان آرٽيڪل 63, 62 خلاف ورزي ڪئي آھ

Read Previous

سني رابطا ڪائونسل پاران امام اهلسنت سالياني ڪانفرنس شهيد علامه علي شير حيدري جي ياد ۾ لقمان مدرسي ۾ منعقد ڪئي وئي

Read Next

پي ڊي ايم جلسو: مريم نواز، فضل الرحمان ۽ بلاول ڀٽو مينار پاڪستان پهچي ويا

Most Popular