قاضي احمد : ڳوٺ سوائي راھو جي رھواسي ايڊمور پمپ وٽان سوين ڳوٺاڻن احتجاجي ريلي ڪڍي

قاضي احمد لڳ ڳوٺ سوائي راھو جي رھواسي محمد اسماعيل جوڻيجو. حاجي خان جوڻيجو. ايازحسين راھو .عوامي ورڪس پارٽي جي اڳواڻ فيض ڪيريو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ايڊمور پمپ وٽان سوين ڳوٺاڻن احتجاجي ريلي ڪڍي مظاھرو ڪيو. ريلي شھر جي مختلف چوڪن تان ٿيندي قاضي احمد پريس ڪلب چوڪ اڳيان پھتي جتي مظاھرين ڳوٺاڻن ف ليگ اڳواڻ سيد آصف علي شاھ ۽ قاضي احمد پوليس جي ناانصاڦين ۽ ظلم خلاف سخت نعريبازي ڪئي انصاف ناھي ڇو ڀلا ڪربلا ڪربلا بااثر ماڻھن جي ظلم کان بچايو جا زوردار نعرا ھنيا ان موقعي تي پيرسن محمد اسماعيل جوڻيجو . حاجي خان جوڻيجو. چيو ته اسان جي زمين گھرن ۽ واٽر تي ف ليگ جو اڳواڻ سيد آصف شاھ بناجواز قبضو ڪرڻ چاھي ٿو 2 ڏينھن اڳ 250 سؤ ماڻھو ھٿيارن سان ساڻ ڪري ڳوٺ ته ڌاڙيلن جيان حملو ڪري اسان جي گھرن ۾ زوري داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ عورتن معصوم ٻارڙن مردن تي ھٿيار سڌا ڪري ڌمڪيون ڏنيون اسان کيس قرآن پاڪ وجھي پوئتي ھٽايو. ھو اسان کي زمين ۽ گھر 3 ڏينھن ۾ خالي ڪرڻ ۽ زمين کپائي ڏيڻ جو چيو ته مان پلاٽنگ ڪري وڪرو ڪيا اسان جي انڪار ڪرڻ تي اسان کي 3 ڏينھن جي اندر لڏي وڃڻ جو چيو اٿس خدارا اسان ھن جو ڏوھ ڪھڙو ڪيو آھي جو اسان غريبن جي پويان رڻ ٻاري ڏنو اٿس ھنن چيو ته قاضي احمد پوليس به ان جي ونگارو بڻيل آھي ان جي چوڻ تي اسان مٿان ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن اسان 27 سال اڳ زمين راھو برادري کان خريد ڪئي ھئي اسان وٽ خريداري جا ڪاغذ به موجود آھن پر ھن جاگيرداراڻو ڪردار ادا ڪندي ھٿيارن جي زور تي ظلم ڪرڻ تي لھي آيو آھي جڏھن ته عوامي ورڪس پارٽي جي اڳواڻ فيض ڪيريو ڳالھائيندي چيو ته سيد آصف شاھ وڏيرڪو ۽ جاگيرداراڻو ڪردار ادا ڪندي غريب مسڪين ماڻھن جي زمين تي قبضي ڪرڻ لاء ھٿياربند وٺي ڳوٺ تي ۽ ھنن تي قاتلاڻو حملو ڪيو آھي افسوس قاضي احمد پوليس تي ٿئي ٿو جنھن ھنن جي اين سي داخل نه ڪئي ۽ ھون جي اين سي ھنن غريبن مٿان داخل ڪئي آھي ان مان ثابت ٿئي ٿو ته پوليس فساد ڪرائڻ چاھي ٿي ھن چيو ته آصف شاھ جي طرفان ھنن غريبن کي موت مارڌمڪيون پيون ملن جيڪڏھن ھنن کي ڪجھ به ٿيو ان جو ذميوار ھتان جو ايس ايڇ او قاضي احمد ھوندو . ھنن اعلى ا اختيارين ۽ ايس ايس پي نواب شاھ کان مطالبو ڪندي گھر ڪئي ته اسان جي ڳوٺ ۽ گھرن تي بناجواز حملو ڪري موت مارڌمڪيون ڏيندڙن ۽ ظلم ڪندڙف ليگ اڳواڻ سيد آصف شاھ ۽ ٻين مٿان ڪيس داخل ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي ۽ تحفظ فراھم ڪيو وڃي

Read Previous

قاضي احمد : چانڊيو برادري پاران نوجوان جا قتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

Read Next

نوشهروفيروز: سنڌ سڀا جو لانگ مارچ نوشهروفيروز پهتو، پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو، سياسي سماجي اڳواڻن جي شرڪت کنڀيلن جي آزادي جو مطالبو

Most Popular