نوشهروفيروز: سنڌ سڀا جو لانگ مارچ نوشهروفيروز پهتو، پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو، سياسي سماجي اڳواڻن جي شرڪت کنڀيلن جي آزادي جو مطالبو

نوشهروفيروز(ڊ ر) سنڌ سڀا جو لانگ مارچ نوشهروفيروز پهتو، پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو، سياسي سماجي اڳواڻن جي شرڪت کنڀيلن جي آزادي جو مطالبو. خبر موجب کنڀي گم ڪيل سنڌين جي آزادي لاءِ ڪراچي کان نڪتل سنڌ سڀا جو پنڌ مارچ نوشهروفيروز پهتو پنڌ مارچ جي 34هين ڏينهن نوشهروفيروز پريس ڪلب اڳيان سنڌ سڀا سرواڻ سنڌي انعام، نور باگڙي، نعيم سنڌو جي اڳواڻي ۾ هڪ ڏينهن ڌرڻو هنيو ويو. ڌرڻي ۾ سياسي سماجي تنظيمن جسقم، ايس يو پي، سنڌ ساگر پارٽي، عوامي تحريڪ، جسم، جساف، عوامي ورڪر پارٽي، عوامي جمهوري پارٽي جي اڳواڻن، عزيزالله ٻوهيو، خادم سيال، ايڊووڪيٽ نور رمضان راڄپر، ذوالفقار راڄپر، وقار نذير، ذوالفقار پنهور، اقبال راڄپر، عزيزڀنگوار سميت سوين شهرين شرڪت ڪئي.ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي سنڌي انعام چيو ته اسان صرف کنڀيلن جي آزادي لاءِ پنڌ نڪتا آهيون اسان جو هي پنڌ اجايو نه ويندو پنهنجي پنڌ کي سجايو سمجهون ٿا, ڇو جو هن وقت تائين 15 ڪارڪن آزاد ٿي چڪا آهن اميد آهي ته سڀني کنڀيلن کي آزاد ڪيو ويندو ۽ کنڀڻ وارو سلسلو بند ڪيو ويندو, سنڌ ساگر پارٽي جي اڳواڻ مولانا عزيزالله ٻوهيو جو چوڻ هيو ته ماڻهن کي کنڀي گم ڪرڻ جو جيڪو حڪومت سلسلو شروع ڪيو آهي اهو عالمي سامراج برصغير تي قبضو ڪري سمنڊ جو سک وٺڻ لاء هنن کي حڪم ڏنو آهي ته جيڪي امڪاني طور قومون اسان جي مزاحمت ڪن انهن کي اڳ ۾ ئي ختم ڪيو وڃي, هي جبري گمشدگيون ان سلسلي جي ڪڙي آهي سنڌو امان چانڊيو چيو ته اسان 34 ڏينهن کان پنڌ ۾ آهيون اسان جو پنڌ سنڌ حڪومت ۽ وفاقي سرڪار کي نظر نٿو اچي, پر خوشي ٿي آهي ته اهو پنڌ پنهنجي قوم کي نظر اچي ٿو ۽ وک وک تي شاندار استقبال ڪيو آهي لانگ مارچ ۾ کنڀي گم ڪيل ايوب ڪانڌڙو، فتح محمد کوسو، عاقب چانڊيو، نسيم بلوچ، فيصل آرائين، جبار سرڪي، عمران سنڌي ۽ ٻين جا وارث موجود هئا.

Read Previous

قاضي احمد : ڳوٺ سوائي راھو جي رھواسي ايڊمور پمپ وٽان سوين ڳوٺاڻن احتجاجي ريلي ڪڍي

Read Next

نوشهروفيروز : راڄپر برادري پاران سندن زمينن تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ ۽ موتمار ڌمڪيون ڏيڻ خلاف احتجاجي مظاھرو

Most Popular