سنڌ ترقي پسند پارٽي نوابشاهه پاران ضلعي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن مٿان ڪيس داخل ڪرڻ بعد کين گرفتار ڪرڻ واري عمل خلاف احتجاج

نوابشاهه (رپورٹ:دانش حیدر)
سنڌ ترقي پسند پارٽي نوابشاهه پاران ضلعي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن مٿان ڪيس داخل ڪرڻ بعد کين گرفتار ڪرڻ واري عمل خلاف نوابشاهه پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک ھڙتال ڪئي وئي جتي ايس ٽي پي اڳواڻ انيلا رفيق ملاح، عاقب ڏاھري، راحب مگسي، خالد راھو، مولا بخش ڪيريو، زين سنڌي ۽ ٻين چيو ته اسان جي اڳواڻن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو آھي جنھن جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، ھنن چيو ته اسان جي اڳواڻن کي سنڌ سان سچائي جي ڪري انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي پر اسان جي سنڌ جي حقن لاءِ جدوجھد جاري رھندي، ھنن چيو ته 14 نومبر تي سنڌ جي ٻيٽن ۽ وسيلن تي قبضي خلاف ايس ٽي پي پاران پرامن احتجاج ڪيو ويو جنھن تي رياست ناراض ٿي اسان جي ضلعي صدر نثار ڪيريو، رفيق ملاح ۽ ٻين اڳواڻن خلاف ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو آھي، ھنن چيو ته اسان جي اڳواڻن کي آزاد نه ڪيو ويو ته احتجاجي تحريڪ تيز ڪئي ويندي جنھن جي ذميواري انتظاميه تي ھوندي.

Read Previous

نوابشاهه : آئي بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ جي اي ايس ٽي ۽ اي سي ٽي اميدوارن وارن آفر آرڊر جاري نه ٿيڻ واري عمل خلاف احتجاج

Read Next

پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي اسپتال نوابشاهه ۾ ھائوس جاب ڪندڙ ڊاڪٽرياڻين چئن مھينن کان معاوضو نه ملڻ خلاف احتجاج

Most Popular