ايس ٽي پي پاران ضلعي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪرڻ، الطاف جسڪاڻي جي قاتلن جي گرفتاري ۽ سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي خلاف نوابشاهه پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو

نوابشاهه (رپورٹ:دانش حیدر ) سنڌ ترقي پسند پارٽي ناري تحريڪ نوابشاهه پاران ضلعي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪرڻ، الطاف جسڪاڻي جي قاتلن جي گرفتاري ۽ سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي خلاف نوابشاهه پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک ھڙتال ڪئي وئي جتي انيلا رفيق ملاح، معيز جمالي، رضوان کوسو، شھيد ڀٽو جي ارشاد خاصخيلي ۽ ٻين چيو ته اسان جي اڳواڻن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو آھي جنھن جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، ھنن چيو ته پوليس شھيد الطاف جسڪاڻي جا قاتل ھن وقت تائين گرفتار نه ڪري سگھي آھي جيڪو انتھائي افسوس جوڳو عمل آھي، ھنن چيو ته سنڌ جا ٻيٽ سنڌ ۽ سنڌي قوم جي ملڪيت آھن جن کي ڪنھن به صورت ۾ وفاق حوالي ٿيڻ نه ڏينداسين، ھنن چيو ته اسان جي ضلعي صدر نثار ڪيريو، رفيق ملاح ۽ ٻين اڳواڻن خلاف ڪوڙو ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪيو ويو آھي، ھنن مطالبو ڪيو ته اسان جي اڳواڻن کي آزاد نه ڪيو ويو ته احتجاجي تحريڪ تيز ڪئي ويندي.

Read Previous

نوشهروفيروز ۾ پيپلز هاري ڪاميٽي جو شهيد راڻي جي ورسي ۾ شرڪت ڪرڻ لاء ڪارڪنن سان ميٽنگ ڪئي وئي

Read Next

شيعه علماءِ ڪائونسل نوابشاهه پاران مذهبي سياسي سماجي اڳواڻ شهيد فدا حسين سولنگي جي اٺين ورسي ايس او پيز تحت امام بارگاهه ياد گار ڪربلا ۾ منعقد ڪئي وئي

Most Popular