ٺنڊوالهيار ۾ هٿياربندن هٿان شهيد ٿيل ايس ٽي پي جي مرڪزي وائيس چيئرمين شهيد الطاف جسڪاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪندي

پنوعاقل : ٺنڊوالهيار ۾ هٿياربندن هٿان شهيد ٿيل ايس ٽي پي جي مرڪزي وائيس چيئرمين شهيد الطاف جسڪاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ جسڪاڻي ويلفيئر ايسوسيئيشن ضلعي سکر پاران بائجي چوڪ کان پريس ڪلب پنوعاقل تائين سوين ماڻهن احتجاجي ريلي ڪڍي جنهن ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ ترقي پسند پارٽي سميت سول سوسائٽي جي مختلف اڳواڻن ۽ ڪارڪونن جي وڏي انگ شرڪت ڪري الطاف جسڪاڻي جا قاتل فوري طور تي گرفتار ڪري انهن پٺيان لڪيل چهريا بينقاب ڪرڻ لاءِ زوردار نعري بازي ڪئي وئي جسڪاڻي ويلفيئر جي اڳواڻ ڪامريڊ مجيد جسڪاڻي، ايس ٽي پي جي ضلعي اڳواڻ حيات جهنڊير، نامياري اديب بيخود بلوچ، محمّد اسحاد جسڪاڻي، ۽ ٻين به خطاب ڪندي چيو ته مهينو ٿي ويو آهي سڄي سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آهي پر هن محل تائين ٽنڊو الهيار انتظاميه سنڌ حڪومت سنڌ جي بهادر سپوت شهيد الطاف جسڪاڻي جنهن کي بيگناھ واٽ ويندي سنڌ ۽ سنڌ جي غريب مظلوم عوام جي حقن جي ڳالھ ڪرڻ تي کلي عام گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو آهي جنهن سبب سڄي سنڌ ۾ احتجاج هلندڙ آهن پوءِ به انتظاميه هن محل تائين ڪو قردار ادا ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي، لڳي پيو ته انتظاميه خود قتل ۾ ملوث آهي سنڌي مائرون اڃان سنڊھ نه ٿيون آهن حق گھرڻ تي بيگناھ ڪنهن ڪنهن کي شهيد ڪيو ويندو هت ڪيترائي الطاف جسڪاڻي سنڌ جي هر گھر مان جنم وٺندا رهندا ان موقعي تي گھر ڪئي وئي ته شهيد ذوالفقار ڀٽو کان وٺي هن محل تائين شهيد الطاف جسڪاڻي تائين سنڌ جي سڀني شهيدن جي عدالتي جاچ ڪرائي انصاف نه ڪيو ويو ته سڄي سنڌ ۾ احتجاج جو دائرو اڃا وصيح ڪيو ويندو

Read Previous

قاضي احمد : قبائلي تڪرارن سبب قاضي احمد تعلقي اندر وڏي انگ ۾ انساني جانيون موت جو کاڄ بڻجڻ لڳيون انصاف ۾ دير ڳوٺاڻن هٿيار کڻي ورتا

Read Next

ڀان سعيد آباد : صحافي جي گرفتاري خلاف مٽياري جي قلم ڌڻين جو احتجاج صحافين سان ناانصافيون بند ڪرڻ جو مطالبو

Most Popular