ڀان سعيد آباد : صحافي جي گرفتاري خلاف مٽياري جي قلم ڌڻين جو احتجاج صحافين سان ناانصافيون بند ڪرڻ جو مطالبو

ڀان سعيد آباد جي صحافي جي گرفتاري خلاف مٽياري جي قلم ڌڻين جو احتجاج صحافين سان ناانصافيون بند ڪرڻ جو مطالبو .. تفصيل موجب ڀان سعيد آباد جي سينيئر صحافي نظام الدين گنڀير جي بيگناھ گرفتاري خلاف مٽياري جي قلم ڌڻين پريس ڪلب مٽياري اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي مظاهري ۾ سنيئر صحافي جي ايم بابو خاصخيلي . وڪيل احمد ميمڻ. رياض چانڊيو . عبدالغفور ملاح . ضمير خاصخيلي . ذوالفقار ميمڻ . فرحان شيخ . علي فيضان خاصخيلي . عادل خشڪ . شبير ملاح . اسدالله ميمڻ . گلشير انڙ . رئوف خاصخيلي ۽ ٻيا شريڪ هئا مظاهرو ڪندڙ قلم ڌڻين جو مطالبو هو ته سنڌ ۾ روزانه جي بنياد تي صحافين سان بيواجبيون جاري آهن ڪٿي صحافي جو قتل ته ڪٿي صحافي جي بيگناھ گرفتاري ڪٿي صحافي تي تشدد ته ڪٿي صحافي مٿان ڪوڙا ڪيس ڪٿي صحافين کي ڌمڪيون ته ڪٿي صحافين کي هيسائڻ اهڙا بزدلاڻا عمل هاڻي بند ٿيڻ گهرجن آزاد صحافت تي هميشه وار ٿيندا رهيا آهن پر هاڻي صحافت تي قلم تي يا قلم ڌڻين تي حمله قبول نه ڪبا احتجاجي صحافين جو چوڻ هو ته ڀان سعيد آباد جي صحافي نظام الدين گنڀير جي بلاوجه گرفتاري جي مذمت ڪيون ٿا ۽ مطالبو ڪيون ٿا ته نظام الدين گنڀير کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي ..

Read Previous

ٺنڊوالهيار ۾ هٿياربندن هٿان شهيد ٿيل ايس ٽي پي جي مرڪزي وائيس چيئرمين شهيد الطاف جسڪاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪندي

Read Next

سجاول : حددخلين بابت ڪورٽ سڳوري فيصلو ڏئي ڇڏيو.سجاول ۾ غير قانوني حددخلين خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي

Most Popular