سجاول : حددخلين بابت ڪورٽ سڳوري فيصلو ڏئي ڇڏيو.سجاول ۾ غير قانوني حددخلين خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي

سجاول(رپوٽ:عتيق الرحمان کتري)سجاول ۾ حددخلين بابت ڪورٽ سڳوري فيصلو ڏئي ڇڏيو.سجاول ۾ غير قانوني حددخلين خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنھن ۾ ڊي ايس پي سجاول،ٽائون انتظاميان،ٽريفڪ پوليس،انڪروجمنيٽ پوليس پيش ٿي،ڪورٽ سڳوري غيرقانوني حددخلين تي ست صفحن تي مشتمل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.جج منير جگسي چيو ته هر هر ڪنهن کي پنهنجي جڳه مليل آهي پوءِ قبضا ڇو ڪيا ٿا وڃن،مڇي مارڪيٽ،ڪار اسٽاپ،سبزي مارڪيٽ،فروٽ مارڪيٽ ڇو بند آهن.اوور لوڊ گاڏيون صبح کان شام تائين شهر ۾ داخلا بند آهي،هڪ مهيني ۾ ڪاروائي ڪري رپورٽ ڏني وڃي ٻئي صورت ۾ قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي.سجاول جي نوجوان وڪيل عبدالطيف کٽي پاران سجاول شھر ۾ حد دخلين خلاف درخواست ڏني هئي جنھن تي ڪيتريون ئي ٻڌڻيون ٿيون ۽ شھر سجاول ۾ آپريشن پڻ ٿيو ھو.وڪيل عبدالطيف ٻڌايو ته سجاول شھر ۾ غيرقانونص حددخلين ڪري روڊ رستا بند رھن ٿا ماڻھن جو لنگھڻ پڻ مشڪل ٿئي ٿو.جنھن تي سجاول ڪورٽ ۾ درخواست جمع ڪرائي ھئي جنھن ڪورٽ سڳوري نوٽس وٺي فيصلو ٻڌايو آھي.سجاول شھر جي مسئلن لاء ھر قانوني قدم کڻندس.جڏھن ته وڪيل عبدالطيف جي ان قدم جي شھرين پڻ ساراه ڪئي آھي.سجاول ڪورٽ ان فيصلي جي ڪاپي ھاء ڪورٽ،لوڪل گورمنٽ سميت ضلعي انتظاميه کي موڪلي وئي آھي.

Read Previous

ڀان سعيد آباد : صحافي جي گرفتاري خلاف مٽياري جي قلم ڌڻين جو احتجاج صحافين سان ناانصافيون بند ڪرڻ جو مطالبو

Read Next

لاڙڪاڻو: آرٽ ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻي جي شعبي پريس ۽ پبلشي طرفان شهيد توڙي لاڏاڻو ڪري ويل صحافين کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ آرٽ ڪائونسل جي ڀٽائي هال ۾ مڃتا تقريب منعقد

Most Popular