لاڙڪاڻو: آرٽ ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻي جي شعبي پريس ۽ پبلشي طرفان شهيد توڙي لاڏاڻو ڪري ويل صحافين کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ آرٽ ڪائونسل جي ڀٽائي هال ۾ مڃتا تقريب منعقد

لاڙڪاڻو(بيورو چيف دلبر شاهد) آرٽ ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻي جي شعبي پريس ۽ پبلشي طرفان شهيد توڙي لاڏاڻو ڪري ويل صحافين کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ آرٽ ڪائونسل جي ڀٽائي هال ۾ مڃتا تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن تقريب ۾ لاڙڪاڻو پريس ڪلب جي صدر ظفر ابڙو، نائب صدر محمد عاشق پٺاڻ، جنرل سيڪريٽري مرتضيٰ ڪلهوڙو، آرٽ ڪائونسل آف پاڪستان جي صدر محمد اسماعيل جتوئي، جنرل سيڪريٽري عبدالنبي ساريو، پريس ۽ پبلشي شعبي جي چيئرمين محمد حنيف سهاڳ، منور رند سميت سينئر صحافين عبدالقادر جاگيراڻي، معظم سلطان بخاري، سيد جاويد شاھ، عبدالحفيظ منگي، ڊاڪٽر بدر شيخ، خان راجا مگسي، ظهير ابڙو، رشيد سمون، علي گراماڻي، نادر ابڙو، عبدالخالق مغيري، وحيد لانگاھ، راجا گاڏهي، آزاد اڪبر هيسباڻي، نصير محمد کهاوڙ، عبدالغفار مگسي، عبدالقادر گوپانگ، ڪامران سانگي، فقير نور تنيو، منٺار مگسي، منير پيرزادو، وسيم ٻرڙو، جاويد مسيح ۽ آرٽ ڪائونسل پاڪستان جي اڳواڻن عبدالستار کهاوڙ، رضوان گل، امتياز سهاڳ، سليم رضا ڪنڀر، پروفيسر سڪندر عباسي، ايوب گاد، هادي بخش مگسي سان گڏوگڏ شهيد توڙي وفات ڪري ويل صحافين جي وارثن پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي مقررين چيو ته هي تقريب انهن صحافين لاءِ منعقد ڪئي وئي آهي، جن معاشري ۾ پاڻ ملهايو آهي، جيڪي صحافي اڄ اسان جي وچ ۾ جسماني طور تي موجود نه آهن، پر هو صداءِ اسان جي دلين ۾ زندھ رهندا، جڏهن ته ملڪ جي ٿري چئن مان هڪ چئن جو نالو جرنلسٽ آهي، ڇاڪاڻ ته صحافي ڏک، بک، گرمي ۽ ٿڌي ۾ غريب، مسڪين ۽ بي پهچ ماڻهن جو آواز اعليٰ ايوانن تائين پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا رهندا آهن. هن چيو ته صحافين کي گهرجي ته هو اڃان به معاشري جي بهتري لاءِ لکن، صحافين جي لکڻ سان ئي هن معاشري ۾ وڌيڪ بهتري اچي سگهي ٿي، ڇاڪاڻ ته قلم کي وڏي طاقت آهي، صحافي جي لکڻ سان ڪنهن به مسئلي جي دنيا اڳيان نشاندهي ٿيندي آهي، صحافت هڪ پيغمري پيشو آهي، جنهن کي صحافي ان طريقي سان نڀائيندو آهي. ان موقعي تي شهيد توڙي لاڏاڻو ڪري ويل صحافين کي وارثن کي مڃتا ايوارڊ پڻ ڏنا ويا.

Read Previous

سجاول : حددخلين بابت ڪورٽ سڳوري فيصلو ڏئي ڇڏيو.سجاول ۾ غير قانوني حددخلين خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي

Read Next

لاڙڪاڻو: ايڪو پاڪستان جي هيڊ برنارڊ جسپرس ٻين جي اڳواڻي ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جي آءِ ايڇ ايس ۽ پي پي پي ايڇ آءِ سينٽرن جو دورو

Most Popular