لاڙڪاڻو: ايڪو پاڪستان جي هيڊ برنارڊ جسپرس ٻين جي اڳواڻي ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جي آءِ ايڇ ايس ۽ پي پي پي ايڇ آءِ سينٽرن جو دورو

لاڙڪاڻو(بيورو چيف دلبر شاهد) ايڪو پاڪستان جي هيڊ برنارڊ جسپرس، اي سي ايڇ او نعيم گل طرفان گذريل ڏينهن يونيسيف جي وفد ڊاڪٽر سعيد، ڊاڪٽر اياز حسين، ڊاڪٽر عمر خان، زاهده جمالي، احسان الله ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جي آءِ ايڇ ايس ۽ پي پي پي ايڇ آءِ سينٽرن جو دورو ڪيو ويو، جتي چيف سروسز هينڊس غلام مصطفيٰ، احمد دايو، اطهر چنو سميت هينڊس لاڙڪاڻي جي ٽيم طرفان فيلڊ جي وزٽ ڪرائيندي کين سهولتون فراهم ڪيون ويون. ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آءِ ايڇ ايس ۽ پي پي پي ايڇ آءِ جي انڊر ۾ ضلعي اندر 10 هيلٿ فيسلٽيز موجود آهن، جن ۾ واش روم ٺهرائڻ سان گڏوگڏ هڪ هزار گيلن وارا يو بي فلٽر پڻ لڳرايا پيا وڃن ته جيئن علاج لاءِ ايندڙ مريضن توڙي سندن وارثن کي صاف پاڻي مهيا ٿي سگهي، جڏهن ته اتر سنڌ جي سڀ کان وڏي اسپتال چانڊڪا جي سول اسپتال ۽ شعبه حادثات اڳيان هينڊ پينڊل واش لڳل آهن، جتان ماڻهو پنهنجا هٿ صاف ڪري اسپتالن ۾ اندر داخل ٿي سگهي ٿو. هنن چيو ته هن وقت دنيا جي ٻين ملڪن جيان پاڪستان به ڪورونا وائرس سان جنگ وڙهي رهيو آهي، جڏهن ته هينڊس اين جي او جو مقصد پڻ اهو آهي ته اسان پنهنجي پياري وطن جي ماڻهن کي هن وبا مان محفوظ رکون ۽ ان تي اسان جو ڪم هلندڙ آهي. ان موقعي تي احمد بخش، مختيار احمد پنهور، احمد بخش دايو، مصطفيٰ ظئور ۽ ٻيا موجود هئا.

Read Previous

لاڙڪاڻو: آرٽ ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻي جي شعبي پريس ۽ پبلشي طرفان شهيد توڙي لاڏاڻو ڪري ويل صحافين کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ آرٽ ڪائونسل جي ڀٽائي هال ۾ مڃتا تقريب منعقد

Read Next

چونڊيل عهديدارن جي تعاون سان لاڙڪاڻي ڊويزن کان پوء حيدرآباد ڊويزن ۾ پڻ بنا مقابلي سوڀ عطا ڪئي آهي پ ٽ الف جي اڳوڻي مرڪزي صدر حاجي شفيع محمد سٺيو

Most Popular