راڻيپور کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي آزادي لاءِ سنڌ سڀا پاران ڪراچي کان راولپنڊي ڏانهن نڪتل پيادل مارچ قافلي جي شاه جي مشين ۽ گڏيجي ۾ شاندار آجيان

راڻيپور کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي آزادي لاءِ سنڌ سڀا پاران ڪراچي کان راولپنڊي ڏانهن نڪتل پيادل مارچ قافلي جي شاه جي مشين ۽ گڏيجي ۾ شاندار آجيان انٽرنيشنل پريس ڪلب جي آڏو هڪ ڪلاڪ ڌرڻو هڻي گم ڪيلن جي بازيابي لاء سخت نعريبازي ڪئي وئي .قافلي ۾ شامل عورتن جا پير پٿون ٿيڻ باوجود سندن جا حوصلا بلند، قافلو راڻيپور پهتو. تفصيل موجب سنڌ مان کنڀي گم ڪيل نوجوانن جي بازيابي لاءِ سنڌ سڀا پاران شروع ڪيل ڪراچي کان راولپنڊي تائين احتجاجي پيادل لانگ مارچ جو قافلو انعام سنڌي ،شازيه چانڊيو، ماروي ايوب، نصيب کوسو، سنڌو امان چانڊيو،ڊاڪٽر نذير کوکر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شاه جي مشين ۽ گڏيجي پهچڻ تي سندن جي عمران راڄپر ۽ ٻين پاران شاندار آجيان ڪندي گلن جي ورکا پڻ ڪئي وئي .احتجاجي پيادل مارچ ۾ شامل عورتن ۽ مردن انعام سنڌي جي اڳواڻي ۾ انٽرنيشنل پريس ڪلب آڏو هڪ ڪلاڪ تائين ڌرڻو هڻي پنهنجي پيارن جي بازيابي لاءِ سخت نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي انعام سنڌي ۽ ٻين چيو ته سنڌ سڀا جو هي قافلو 10 نومبر تي پنهنجي پيارن جي بازيابي لاءِ ڪراچي کان راولپنڊي لاءِ نڪتو آهي سنڌ مان 70 کان وڌيڪ ماڻهن کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي جن جي ڪا به خبر ناهي ته اهي هن وقت ڪهڙي حال ۾ آهن انهن جو جيڪڏهن ڪو ڏوھ آهي ته انهن کي ظاهر ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي بنا ڪنهن سبب جي نوجوانن کي کنڀي گم ڪيو وڃي ٿو جيڪو وڏو ظلم آهي ان ظلم جي خلاف سراپا احتجاج بڻجي ڪيترن ئي ڏينهن کان روڊن تي پيادل مارچ ڪري رهيا آهيون هنن چيو ته اسان کي حيسايو ۽ ڌمڪايو وڃي ٿو پر پيادل مارچ ۾ شامل ماڻهون هر صورت ۾ راولپنڊي پهچي لاڳاتار ڌرڻو هڻي پنهنجو احتجاج ان وقت تائين جاري رکنداسين جيستائين سنڌ مان گم ڪيل سڀني ماڻهن بازياب نه ٿو ڪرايو راڻيپور ۾ مختلف سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن قاسم ملڪ,گلڻ ڄامڙو,عبدالشڪور وساڻ ,منٺار علي ڊومڪي,عامر خان مهيسر ,شاهنواز سرڪي ,نعمت وساڻ,نثار سهتو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ قافلي جي باب دستگير گيٽ لڳ قومي شاهراھ تي آجيان ڪئي وئي جتي قافلي ۾ شامل ماڻهن جي شاندار آجيان ڪندي کين گلن جا هار پارايا ويا .بعد ۾ پيادل لانگ مارچ قافلو رات راڻيپور ۾ ڊاڪٽر نظير کوکر جي رهائشگاه تي رهڻ بعد صبح پنهنجي منزل طرف روانو ٿي ويندو

Read Previous

شهيد شاگردن جون تصويرون کڻي پاڪستان زنده باد ۽ پاڪ فوج زنده آباد ريلي ڪڍي وئي

Read Next

16 ڊسمبر يوم شهداء آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي ياد ۾ ڪنڌرا جي هيسٽر پبلڪ اسڪول ۾ شهيد شاگرن ۽عملي کي ڀيٽاپيش ڪئي وئي

Most Popular