16 ڊسمبر يوم شهداء آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي ياد ۾ ڪنڌرا جي هيسٽر پبلڪ اسڪول ۾ شهيد شاگرن ۽عملي کي ڀيٽاپيش ڪئي وئي

ڪنڌرا( رپورٽر) 16 ڊسمبر يوم شهداء آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي ياد ۾ ڪنڌرا جي هيسٽر پبلڪ اسڪول ۾ شهيد شاگرن ۽عملي کي ڀيٽاپيش ڪئي وئي ۽ سندن روحن کي ايثال ثواب خاطر قل شريف ۽ قرآن پاڪ جا ختم پڻ بخشيا ويا۔ خبرموجب يوم شهداء آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي ياد ۾ هيسٽر پبلڪ اسڪول ڪنڌرا ۾ شهيد شاگردن ۽ عملي کي ڀيٽا پيش ڪيو ويو هڪ منٽ جي خاموشي هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي سندن روحن کي شاگرن ۽ شاگردياڻين ۽ عملي فاتح خواني قرآن شريف جا ختم ۽ دعائون گهريون ويون ان موقعي تي پرنسيپال صفدر علي پٺاڻ ڳالهائيندي چيو تہ دهشتگردن جي ان ڪريل حرڪت جي سخت لفظن ۾ مزمت ڪجي ٿي جن آرمي پبلڪ اسڪول پشاور ۾ معصوم شاگردن تي حملو ڪري بزدلي جو مظاهرو ڪيو اسان جا حوصلا بلند آهن اسين علم ذريعي انهن تعليم دشمنن سان مقابلو ڪنداسين ان موقعي تي ٻارن جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ هئا جن تي مختلف يڪجهتي جا نعره لکيل هئا پاڪستان زنده باد پاڪ آرمي زنده باد انهي موقعي تي ايس او پيز تي خاص طور تي عمل ڪيو ويو

Read Previous

راڻيپور کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي آزادي لاءِ سنڌ سڀا پاران ڪراچي کان راولپنڊي ڏانهن نڪتل پيادل مارچ قافلي جي شاه جي مشين ۽ گڏيجي ۾ شاندار آجيان

Read Next

قيام پاڪستان ۾ سنڌ جو ڪردار

Most Popular