قيام پاڪستان ۾ سنڌ جو ڪردار

مظھر علي زنگيجو

پاڪستان جي قيام جي جدوجھد ۾ سنڌ جيڪو بنيادي اھم ۽ تاريخي ڪردار ادا ڪيو آهي اھا حقيقت آھي تہ پاڪستان جو اصلي خالق سنڌ ئي آھي سنڌ جي مسلمانن ليڊرن جي ڪوشش سان اپريل ۽ مئي 1938ع ۾ سنڌ جي صوبائي مسلم ليگ جو قيام عمل۾آيو ھن شاخ جو صدر شيخ عبدالمجيد سنڌي ھو جيڪو بمبئيءَ وڃي قائداعظم محمد علي جناح سان ملي اجازت وٺي آيو شاخ قائم ٿيڻ کان پوءِ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ جلسا ٿيڻ لڳا شيخ صاحب جو ھمڪار ۽ مددگار سائين جي ايم سيد ھو 10، 11 ۽ 12 آڪٽوبر 1938ع تي سنڌ مسلم ليگ پاران ھڪ وڏي ڪانفرنس ڪوٺائي وئي جنهن جي صدارت قائداعظم محمد علي جناح ڪئي ان ڪانفرنس کي پوءِ ڪراچي ڪانفرنس ڪوٺيو ويو ڪانفرنس ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي ھڪ ٺھراءُ پاس ڪيو جنھن ۾ واضح طور مطالبو ڪيو ويو تہ جن صوبن ۾ مسلمانن جي اڪثريت آهي اُتي مسلمانن جي حڪومت ٺاهي وڃي تہ جئين ٻئي قومون جدا جدا آزاد حڪومتون قائم ڪري سگھن ان ڪانفرنس ۾ قائداعظم محمد علي جناح يادگار تقرير۾چيو تہ مون کي يقين آهي تہ سنڌ صوبو ھندستان جي مسلمانن لاءِ ھڪ نمونو ٿيندو ڇاڪاڻ تہ ھتي جي مسلمانن وڏي بيداري جو ثبوت ڏنو آهي سنڌ کي جدا صوبي بڻائڻ لاءِ مسلم ليگ جيڪي ڪوششون ورتيون انهن کان اوھان با خبر آھيو جيڪڏهن اوهان پنھنجا اختيار استعمال ڪرڻ لاءِ ٿي وڃو تہ اوھان جي صوبي جي مسلم ليگ کي حڪومت جي واڳ سنڀالڻ کان ڪا بہ طاقت روڪي نہ ٿي سگهي ھي ڪانفرنس تمام گهڻي ڪامياب وئي ۽ ھن ئي ڪانفرنس ۾ ھندستان جي ورھاڱي جو بنياد رکيو ويو ان کان پوءِ پاڪستان حاصل ڪرڻ واري فضا تيار ٿيڻ لڳي ۽ جدوجھد شروع ٿي وئي 27 نومبر 1938ع تي سنڌ مسلم ليگ جي عهديدارن جي باقاعدي چونڊ ٿي ۽ سر حاجي عبدالٌله هارون صدر ٿيو ۽ جدوجھد مختلف مرحلا طئي ڪندي نيٺ ڪامياب ٿي آل انڊيا مسلم ليگ 1940ع لاھور واري اجلاس ۾ ھڪ مطالبو ھڪ قرارداد ذريعي منظور ڪرايو ويو ان کان پوءِ 1946ع ۾ ليگ ڪنوينشن دھليءَ ھن قرارداد جي وضاحت لاءِ ھڪ تجويز منظور ڪئي اھي ٻئي قراردادون مينار پاڪستان لاھور تي اڪريل آهن جن جو پس منظر ھن ريت آھي
4 فيبروري 1940ع تي دھليءَ ۾ ٿيل مسلم ليگ جي مجلس عالمہ ۽ ڪائونسل جي گڏيل اجلاس ۾ مسلمانن جي ڌار وطن جي سنجيدگي لاءِ غور ڪيو ويو ۽ فيصلو ٿيو ان جي باقاعدي تجويز ايندڙ مهيني مارچ ۾ لاھور ۾ ٿيندڙ سالياني اجلاس ۾ پيش ٿيندي
6 فيبروري 1940ع تي قائداعظم محمد علي جناح وائسراءِ ھند لارڊ لينٿگو سان ملاقات ڪئي ۽ سندس اڳيان واضح ڪيو تہ مسلم ليگ پنھنجي لاھور واري جلسي ۾ ھندستان جي ورھاست جو ڪرڻ واري آهي
23 مارچ 1940ع ۾ قائداعظم محمد علي جناح جي صدارت ۾ ٿيل ستيتاليھين اجلاس ۾ قرارداد لاھور پيش ڪئي وئي جيڪا بنگال جي وڏي وزير ابوالقاسم فضل حق پيش ڪئي 24 مارچ 1940ع تي قرارداد لاھور جي عام جلسي۾منظوري ڏني وئي
سائين جي ايم سيد محمد ايوب کهڙو عبدالمجيد شيخ خان اورنگزيب خان سر عبدالله ھارون نواب اسماعيل خان قاضي محمد عيسٰي بيگم مولانا محمد علي جوھر آءِ آءِ چندريگر مولانا عبدالحامد بدايوني ۽ ٻين ان جي تائيد ڪئي اھا ئي قرارداد بعد ۾ قرارداد دھليءَ سان شامل ٿي قرارداد پاڪستان جي نالي سان مشهور ٿي
طئي ڪيو ويو تہ آل انڊيا مسلم ليگ جي اجلاس جي ھي گڏيل راءِ آھي تہ ڪو بہ آئيني منصوبو ايستائين ھن ملڪ ۾ عمل لائق ۽ مسلمانن لاءِ قبوليت جوڳو نہ ھوندو جيستائين ھن بنيادي اصولن تي نہ جوڙيو وڃي جاگرافيائي طور تي لاڳاپيل وحدتن جي حدبندي اھڙن خطن ۾ ڪئي وڃي مناسب علاقائي ڦيرڦار سان گڏ تہ جن علائقن ۾ مسلمانن جي اڪثريت آهي مثلاً ھندستان جي اترئين اولاھين ۽ ڏاکڻين حصي جي جوڙجڪ اھڙين آزاد رياستن جي صورت ۾ ڪئي وڃي جنھن ۾ شامل وحدتون خودمختيار ۽ حاڪميت جو حق کندڙ ھجن انھن وحدتن ۽ خطن ۾ اقليتن جي مذهبي ثقافتي معاشي سياسي انتظامي ۽ ٻين حقن ۽ مفادن جو مناسب ۽ موثر تحفظ ۽ انھن جي مشھوري سان آئين ۾ وضاحت ڪيو وڃي.
ھندستان جي ٻين حصن ۾ جتي مسلمانن اقليت ۾ آهن انھن جي ٻين اقليتن جي مذهبي ، سياسي، معاشي ۽ انتظامي حقن ۽ مفادن جو موثر حڪمي تحفظ انھن جي مشوري سان آئين ۾ وضاحت سان ڪيو وڃيو وڌيڪ اھو انھن بنيادي اصولن مطابق آئين جو ھڪ اھڙو منصوبو مرتب ڪن جنهن جي روشني ۾ مثلاً دفاع پرڏيهي معاملا ڳانڍاپي جا وسيلا ڍل ۽ اھڙا ٻيا معاملا جيڪي ضروري سمجهيا وڃن
قرارداد لاھور جي محرڪن ۽ تائيد ڪندڙ جي تقريرون ۾ ڪٿي بہ پاڪستان جي لفظ استعمال نہ ڪيو ويو ھو ھا باقي امجدي بيگم جيڪا مولانا محمد علي جوھر جي گھرواري پنهنجي تقرير۾ ان کي قرارداد پاڪستان چيو اھو بہ ان ڪري جو چوڌري رحمت علي جي ڪوشش سان پاڪستان جو لفظ تمام گهڻو مشهور ٿي چڪو ھو پر ڪانگريس جي حامي پريس ھن لفظ کي تنظزيا طور تي ايترو ته اباريو جو ھي لفظ ازخود ھر ماڻھو جي زبان تي اچي ويو
سنڌ اسيمبلي۾ پاڪستان جي منظوري  3مارچ 1940 ۾ سنڌ اسيمبلي جي اجلاس۾ ڏني وئي ۽ پاڪستان جو ٺھراءُ محترم جي ايم سيد پيش ڪيو جنھن ۾ ميمبرن تعداد 27 ھيو جنھن ۾  24 ميمبر ٺھراءُ جي حق ۾ جڏهن ته باقي صرف 3 ميمبرن ٺهراءُ جي مخالفت ۾ ووٽ ڏنو  ٺھراءُ جي حق ۾ ڪجھہ ميمبرن جا نالا ھي آھن شيخ عبدالمجيد سنڌي،   سردار علي گوهر خان مهر ، امام بخش خان ٽالپر ، امير علي ٺارو خان لاھوري ، ارباب توڳاچي مير محمد علي ٽالپر ، بند علي خان ٽالپر ، سردار غلام محمد خان اسراڻ ء محترم غلام مرتضي شاھ يعني سائين جي ايم سيد شامل ھئا ۽ ٺھراءُ جي مخالفت ۾ گوڪلداس ھيرلداس ، ڊاڪٽر ھيمنداڻي آر واڌواڻي ۽ مسٽر لولو مل آڏواڻي شامل ھئا اسيمبلي اجلاس جي شروعات ۾ ميمبرن واسطيدار وزيرن کان صوبائي مسئلن بابت سوال پڇيا جن جا ھنن جواب ڏنا تنھن کان پوءِ محترم جي ايم سيد پاڪستان جو ٺھراءُ پيش ڪرڻ جي لاءِ اسپيڪر کان اجازت گهري ٺھراءُ ۾ چيو ويو ته ھي ايوان سرڪار کي سفارش ڪري ٿو تہ ھز ايڪسلينسي وائسراءِ جي معرفت ته ھز مئجسٽي جي سرڪار تائين سنڌ صوبي جي مسلمانن جون خواهشون پھچايون  وڃن ته جيئن ھندستان جا مسلمان ھڪ قوم آھن جن جو مذهب ، فلسفو ، سماجي ريتون رسمون روايتون سياسي ۽ اقتصادي نظريا بہ مختلف آهن جيڪي ھندن کان بلڪل علحده آھن تنھن ڪري حق پھچي ٿو تہ ھڪ قوم ٿي رھن جن جون پنهنجون آزاد رياستون ھجن جيڪي ھندستان جي ننڍي کنڊ جي انھن علائقن مان ٺاھيو وڃي جٿي اھي مسلمان اڪثريت ۾ آهن تنھن ڪري اُھي پُرزور اعلان ٿا ڪن تہ اھڙو ڪو بہ قبول نہ ھوندو جيڪو مسلمانن کي هڪ اھڙي مرڪزي حڪومت ھيٺ رکي جنھن تي ٻيا قابض ھجن جئين تہ ايندڙ وقت ۾ کين پنھنجي اصولن مطابق آزاديءَ سان پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو تنهنڪري ھنن لاءِ ضروري آهي تہ سندن پنھنجون آزاد قومي رياستون ھجن ۽ اھڙي ريت جيڪڏهن ھندستان جي مسلمانن کي هڪ مرڪزي حڪومت جي رعيت ڪري رکيو ويو تہ ان جي ڪري خوفناڪ ۽ ڏکين نتيجن واري گھرو جنگ يقيني آھي ان ٺھراءُ جي 24 ميمبر حمايت ڪئي جڏھن تہ صرف ٽن مخالفت ڪئي انھن ۾ راءِ گوڪلداس ھيولداس ڊاڪٽر ھيمنداس آر واڌوائي ۽ مسٽر لولو مل موٽوائي شامل ھئا آخر طويل جدوجهد کان پوءِ 14  آگسٽ 1947ع تي پاڪستان عمل ۾ آيو.

Read Previous

16 ڊسمبر يوم شهداء آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي ياد ۾ ڪنڌرا جي هيسٽر پبلڪ اسڪول ۾ شهيد شاگرن ۽عملي کي ڀيٽاپيش ڪئي وئي

Read Next

سانگهڙ ميونسپل خلاف ٽين جنس جو احتجاج