لڪس اسٽار ايوارڊ: بهترين فلم جو اعزاز ”لال ڪبوتر“ جي نانءُ

ڪراچي: ڪراچي جي حالتن تي ٺهيل فلم ”لال ڪبوتر“ لڪس اسٽار ايوارڊ ۾ بهترين فلم جو اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو. جيو فلمز ۽ نهر گهر جي گڏيل پروڊڪشن ۾ ٺهيل ايڪشن فلم ۾ منشا پاشا ۽ احمد الاڪبر مرڪزي ڪردار ادا ڪيو. احمد فلم ۾ هڪ ٽيڪسي ڊرائيور عديل نواز جو ڪردار ادا ڪيو آهي جيڪو ڪراچي کان دبئي منتقل ٿيڻ جي ڪوشش ۾ هوندو آهي، جڏهن منشا پاشا عاليه ملڪ جو ڪردار نڀايو جيڪا هڪ مضبوط خواهشن جي مالڪ عورت آهي پر هڪٻئي پويان واقعن جي ڪري هن جي دنيا برباد ٿي وئي. مارچ 2019 تي رليز ٿيل فلم لال ڪبوتر کي پاڪستان طرفان باضابطه طور تي آسڪر ايوارڊ 2020 لاءِ به نامزد ڪيو آهي.

Read Previous

اتر اوڀر آمريڪا ۾ برف جو طوفان، ٻن ڏينهن کان اڏامون معطل

Read Next

نيوزيلينڊ پهرئين ٽي ٽوئنٽي ۾ پاڪستان کي شڪست ڏئي ڇڏي

Most Popular