سنڌ جي تاريخي شھر ڪوٽڏيجي جي مين تاريخي شھرڪوٽ بنگلو ۾ سنڌ جي ثقافتي ڏھاڙي جي سلسلي ۾ مچ ڪچھري منعقد ڪئي وئي

ڪوٽ ڏيجي ( رپورٽ مٺل گوپانگ) سنڌ جي تاريخي شھر ڪوٽڏيجي جي مين تاريخي شھرڪوٽ بنگلو ۾گذريل رات منصور علي بگٽي پاران ڊاڪٽر منظور علي بگٽي جي اوطاق تي سنڌ جي ثقافتي ڏھاڙي جي سلسلي ۾ مچ ڪچھري منعقد ڪئي وئي جنھن ۾ وڏي تعداد سنڌ سان محبت ۽ ثقافت سان پيار ڪندڙ ماڻھن شرڪت ڪئي مچ ڪچھري جومک مھمان سنڌ جو ارڏو ۽ برک صحافي مشتاق سرڪي ھو جڏھن ته اعزازي مھمان خاص ۾ سنڌ سيد ايسوسي ايشن جو مرڪزي ميمبر ۽ تعلقه پريس ڪلب ڪوٽڏيجي جو صدر سيد امام علي شاه بخاري ۽ پ پ سنڌ ڪائونسل جو ميمبر ۽ نالي وارو قانون دان رئيس غلام مصطفي خان بگٽي ھئا تقريب کي آجياڻي خطاب ۾ ڊاڪٽر منظور بگٽي چيو ته اسان سنڌ سان ۽ سنڌ جي ثقافت سان سچو پيار ڪيون ٿا ۽ سنڌ خلاف ۽ سنڌي ثقافت خلاف ڪابه سازش برداشت نه ڪنداسين ھن چيو ته عمران خان ڪجھ سال اڳ جڏھن مون غريب وٽ آيو ھو ته ھن دھل ۽ شرنايون نه وڄرايون ھيون پر اڄ سنڌ جو ۽ سنڌين جو ڪيس وڙھندڙ بھادر صحافي مشتاق سرڪي آيو آھي ته سندس والھانه استقبال لاء دھل ۽ شرنايون وڄرايون آھن ۽ مان مشتاق سرڪي سميت سمورن آيل مھمانن کي دل جي گھراين سان ڀليڪار ڪيان ٿو تقريب کي سنڌ سيد ايسوسي ايشن جي مرڪزي اڳواڻ سيد امام علي شاه بخاري ۽ پ پ سنڌ جي اڳواڻ رئيس غلام مصطفي خان بگٽي چيو ته زنده قومون ئي پنھجا ثقافتي ڏھاڙا ملھائينديون آھن ۽ اسان کي پنھجي ثقافت ۽ سنڌتي ناز آھي مک مھمان سنڌ جي ارڏي ۽ دلير صحافي مشتاق سرڪي چيو ته مان ڪوٽ بنگلي وارن جو بيحد شڪر گذار آھيان جن منهنجو والھانا استقبال ڪيو ان وڌيڪ چيو ته ڪراچي سنڌ آھي ۽ سنڌ جي طرف ڪو به ميري اک سان ڏسندو ان جون اکيو ڪڊي ڇڏينداسين ان چيو ته خالد مقبول صديقي پنهنجو قبلو درست ڪر سنڌي آفيسرن کي ڌمڪيون ڏيڻ بند ڪيو وڃن نت اسان سڀ سنڌي مزاحمت ڪنداسين جنهن جو نتيجو خراب نڪرندو ۽ سنڌ جي نمڪ حلالي پٽن کي پاڻ ۾ سمورا اختلاف ختم ڪرڻ ۽ منظم ٿيڻ جي اپيل ڪئي ھن چيوته جيڪڏھن اسان سڀ سنڌي متحد ۽ منظم ھونداسين ته ڪنھن کي به سنڌ خلاف سازش ڪرڻ جي جرئت ئي پيدا نه ٿيندي ۔ ان کان پھريان آيل خاص مھمان۽ اعزازي مھمانن ۽ صحافين ۾ ڊاڪٽر منظور بگٽي ڊي ايس پي عباس علي بگٽي منصور علي بگٽي مير آصف علي بگٽي محبوب علي بگٽي اجرڪ پارايا مچ ڪچھري ۾ سنڌ جي ڀلوڙ صوفي فقير فنڪار عبدلمجيد سيال قومي ۽ صوفي سنڌي گيت ڳائي محفل کي جھومڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو

Read Previous

ميهڙ : صالح شاخ ڳوٺ خيرو ڀٽي ۾ بجلي جي شارٽ ڪٽ مان پورهيت مسڪينن جي گهرن کي باھ لڳي وئي

Read Next

نوشهروفيروز: پوليس هٿان کنڀي گم ڪيل نوجوان عدالتي حڪم تي بازياب، نوجوان جي وارثن جو پوليس جي زيادتين ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پريس ڪلب آڏو احتجاج

Most Popular