نوشهروفيروز: پوليس هٿان کنڀي گم ڪيل نوجوان عدالتي حڪم تي بازياب، نوجوان جي وارثن جو پوليس جي زيادتين ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پريس ڪلب آڏو احتجاج

نوشهروفيروز(رپورٽ توحيق احمد ميمڻ) پوليس هٿان کنڀي گم ڪيل نوجوان عدالتي حڪم تي بازياب، نوجوان جي وارثن جو پوليس جي زيادتين ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پريس ڪلب آڏو احتجاج. خبر موجب 5 مهينا پوليس هٿان کنڀي گم ڪيل نوجوان عبدالشڪور پنهور کي عدالتي حڪم تي ابڙان ٿاڻي تان بازياب ڪرايو ويو آهي. نوجوان جي وارثن ابوبڪر پنهور، محمد يوسف، بختيار، عطا محمد سولنگي ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد صحافين کي ٻڌايو ته 5 مهينا اڳ پوليس لائن ٻاهران ايس ايڇ او سليمان وڳڻ سپاهين ۽ پرائيوٽ ماڻهن غلام سرور، قمرالدين، محمد هارون، عبدالرشيد، نوح پنهور ۽ ٻين سان گڏجي عبدالشڪور کي زبردستي کنڀي کڻي ويا هئا مسلسل ڳولا بعد اڄ سيشن جج ايڊيشنل جي ڇاپي دوران ابڙان ٿاڻي تان نوجوان بازياب ٿيو آهي. هنن چيو ته پوليس رشوت نه ڏيڻ ڪري جوابدارن جي ونگار وهندي اسان سان وڏي زيادتي ڪئي آهي. هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي شهيد بينظيرآباد سميت اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوجوان کي بيگناهه کنڀي مختلف جڳهن تي رکندڙ ايس ايڇ او سليمان وڳڻ ۽ جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري اسان کي انصاف ڏياريو وڃي.

Read Previous

سنڌ جي تاريخي شھر ڪوٽڏيجي جي مين تاريخي شھرڪوٽ بنگلو ۾ سنڌ جي ثقافتي ڏھاڙي جي سلسلي ۾ مچ ڪچھري منعقد ڪئي وئي

Read Next

سجاول جو درجو رکندڙ شھر سجاول جي تعلقه اسپتال جون ايمبولنسون خراب پيل ھڪ سال گذڙي ويو

Most Popular