جنهن جو دل چاهي اهو ڀلي لانگ مارچ ڪري اسان استقبال لاءِ تيار آهيون: شيخ رشيد

اسلام آباد:    وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته جنهن جو دل چاهي اهو لانگ مارچ ڪري اسان استقبال جي لاءِ تيار آهيون. اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب دوران شيخ رشيد احمد چيو ته وزيراعظم عمران خان قوم کي اڳيان وٺي ويندو. هو معيشت کي به بهتر ڪندو. عمران خان جي ڪري ئي پوليس کي پهريون ڀيرو عزت ملي رهي آهي. 23 ڊسمبر تي وزيراعظم پوليس لائنز واري تقريب ۾ شرڪت ڪندو.  شيخ رشيد احمد چيو ته عمران خان منهنجي مٿان ڀروسو ڪيو آهي.  100 ڏينهن دوران گهرو وزارت ۾ تبديلي آڻيندس. هن وقت 10 ملڪن ۾ سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ جي جاري ڪرڻ جو انتظام آهي. سڄي دنيا ۾ گهرو وزارت سان گڏجي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ موڪلينداسين. هڪ لک سڃاڻپ ڪارڊ روزاني جاري ٿيندا. جڏهن ته پهريون مفت هوندو.   سمورن ضلعن ۾ سڃاڻپ ڪارڊ جون آفيسون کولينداسين جيڪي ضلعا رهجي ويا اتي هر هفتي هڪ آفيس کولينداسين. گهرو  وزير چيو ته عمران خان 5 سال پورا ڪندو. جنهن کي استعيفائون ٰ فيبروري ۾ ڏيڻيون آهن اهي اڄ ئي استعيفيٰ ڏئي پنهنجو شوق پورو ڪري وٺن جنهن جو دل چاهي  اهو اچي لانگ مارچ ڪري اسان استقبال جي لاءِ تيار آهيون.

Read Previous

سينيٽ چونڊن جي شيڊول کي ڪوبه تبديل نٿو ڪري سگهي: سليم مانڊوي والا

Read Next

فردوس عاشق اعواڻ مريم نواز سان باڪسنگ جو چيلينج قبولي ورتو

Most Popular