پنجاب جي سرڪاري استادن بني گالا آڏو هنيل ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد:    پنجاب جي سرڪاري استادن بني گالا ۾ مطالبن جي مڃتا لاءِ هنيل ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.  رپورٽ موجب پنجاب جي سرڪاري استادن ڊي سي راولپنڊي سان ڳالهين کان پوءِ بني گالا آڏو هنيل ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. سيڪنڊري اسڪول ٽيچرز جي چيئرمين قاسم بخاري چيو آهي ته اسلام آباد انتظاميه گذريل ڏينهن ڳالهين دوران  مطالبا حل ڪرڻ جو يقين ڏياريو آهي.  ڊي سي اسلام آباد ٽياڪڙي ڪئي ۽ ان جي يقين ڏيارڻ کان پوءِ اسان  هنيل ڌرڻو ختم ڪري رهيا آهيون. جيڪڏهن مطالبا منظور نه ٿيا ته هڪ ڏينهن جي نوٽيس کان پوءِ ٻيهر بني گالا ۾ احتجاج ڪنداسين. گذريل ڏينهن پنجاب صوبي جي 36 ضلعن سان تعلق رکندڙ ڪانٽريڪٽ استادن پنهنجي مطالبن جي مڃتا لاءِ بني گالا آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ ڌرڻو  هنيو هو ان دوران پوليس استادن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ جي لاءِ  ڳوڙها آڻيندڙ گيس جي شيلنگ به ڪئي هئي. هنن جو موقف هو ته  پنجاب حڪومت ڪانٽرينٽ تي ڪم ڪندڙ 14 هزار استادن کي مستقل ڪرڻ جي يقين دهاني ڪرائي هئي. ان جي باوجود ان حوالي سان ڪوبه عملي قدم ناهي کنيو ويو.

Read Previous

فردوس عاشق اعواڻ مريم نواز سان باڪسنگ جو چيلينج قبولي ورتو

Read Next

حنا خواجه ڌيءَ جي شادي تي پنهنجي رقص جي وڊيو سوشل ميڊيا تي شيئر ڪري ڇڏي

Most Popular