افغانستان ۾ آمريڪي هوائي اڏي مٿان ڏهه راڪيٽ فائر ڪيا ويا

ڪابل: (ڇنڇر 19 ڊسمبر 2020ع) افغانستان ۾ آمريڪا جي سڀني کان وڏي ايئربيس تي 10 راڪيٽ فائر ڪيا ويا جنهن مان 4 اڏي جي اندر ڪريا جڏهن ته 6 کي هوا ۾ ئي ناڪاره بنايو ويو. عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب افغانستان جي صوبي پروان جي ضلعي بگرام ۾ واقع آمريڪي فضائيه جي سڀني کان وڏي اڏي کي راڪيٽن جي ذريعي نشانو بنايو ويو آهي. هوائي اڏي  مٿان 10 راڪيٽ فائر ڪيا ويا جن مان 4 هوائي اڏي جي اندر ڪريا جڏهن ته 6 کي پوليس هوا ۾ ئي ناڪاره بنائي ڇڏيو. راڪيٽ حملي سبب پورو علائقو لڏي ويو. بگرام جي گورنر جي ترجمان صحافين کي ٻڌايو ته قلندر خيل جي علائقي مان هڪ ٽرڪ تي 10 ايم بي جا 12 راڪيٽ رکيا ويا ۽ انهن کي آمريڪي هوائي اڏي طرف فائر ڪيو ويو. آمريڪي فضائيه طرفان اڃان تائين راڪيٽ حملن بابت ڪنهن به قسم جو رد عمل سامهون ناهي آيو.  حملي ۾ سخت جاني ۽ مالي نقصان جو امڪان ظاهرڪيو پيو وڃي.  جڏهن ته اڃان تائين ڪنهن به ويڙهاڪ تنظيم حملي جي ذميواري قبول ناهي ڪئي. گذريل ڏينهن غزني صوبي ۾ قرآن خواني جي اجتماع ۾ موٽر سائيڪل جي ڌماڪي سبب 30 کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ۽ 20 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا هئا.

Read Previous

حنا خواجه ڌيءَ جي شادي تي پنهنجي رقص جي وڊيو سوشل ميڊيا تي شيئر ڪري ڇڏي

Read Next

نيوزيلينڊ پاڪستان کي ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ شڪست ڏئي ڇڏي

Most Popular