نيوزيلينڊ پاڪستان کي ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ شڪست ڏئي ڇڏي

هيملٽن:    نيوزيلينڊ ٻئي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ پاڪستان کي 8 وڪيٽن تان آساني سان شڪست ڏئي سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي. هملٽن ۾ کيڏيل ميچ ۾ پاڪستان طرفان ڏنل 164 رنسن جو حدف نيوزيلينڊ صرف هڪ وڪيٽ جي نقصان تي پورو ڪري ورتو. نيوزيلينڊ جو  آئوٽ ٿيندڙ رانديگر مارٽن گپٽل هو  جيڪو 21 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو. ٽم سيفرٽ 84 ۽ ڪيوي ڪپتان ڪين وليمس 57 رنسن جي اننگز کيڏي. محمد حفيظ جي 99 رنسن جي بهترين اننگز جي بدولت پاڪستان نيوزيلينڊ کي ٻئين ٽي ٽوئنٽي ۾ کٽڻ جي لاءِ 164 رنسن جو حدف  ڏئي ڇڏيو. ان کان علاوه پاڪستان جي ڪپتان شاداب  خان ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. پاڪستان طرفان حيدر علي ۽ محمد رضوان اننگز جي شروعات ڪئي پر ٻئي ئي اوور ۾ ٽم سائوٿي پهرين حيدر علي ۽ پوءِ عبدالله شفيق کي آئوٽ ڪري ڇڏيو. 33 جي گڏيل اسڪور تي محمد رضوان به 22 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو. شاداب خان ۽ خوشدل شاهه ۽ فهيم اشرف به بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو نه ڪري سگهيا. هڪ طرف وڪيٽن ڪرڻ جو سلسلو جاري رهيو ته ٻئي طرف تجربيڪار محمد حفيط پنهنجو ۽ ٽيم جو اسڪور اڳيان وڌائيندو رهيو ۽ آخري اوور ۾ 2 ڇڪن ۽ هڪ چوڪي جي مدد سان 99 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.  پاڪستان مقرر 20 اوورز ۾ 6 رانديگرن جي نقصان تي 163 رنسون ٺاهيون جڏهن ته نيوزيلينڊ جي ٽم سائوٿي 4 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو. ٽاس کٽڻ کان پوءِ قومي ٽيم جي ڪپتان شاداب خان چيو هو ته وڪيٽ  بيٽنگ جي لاءِ سٺي آهي ۽ ڪوشش هوندي ته هن پچ تي سٺو ٽارگيٽ ڏئي سگهون. هن جو چوڻ هو ته ٽيم نوجوان رانديگرن تي ٻڌل آهي ۽ قومي ٽيم ۾ ڪابه تبديلي ناهي ڪئي وئي.  ياد رهي ته نيوزيلينڊ پهرين منچ ۾ پاڪستان کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٽن ميچن جي سيريز ۾ هڪ ٻُڙي جي برتري حاصل ڪئي هئي.

Read Previous

افغانستان ۾ آمريڪي هوائي اڏي مٿان ڏهه راڪيٽ فائر ڪيا ويا

Read Next

واٽس ايپ ويب تي وڊيو ۽ وائس ڪالنگ جي آزمائش شروع

Most Popular