ڪنڌرا : عدالتي حڪم تي سيد ڪوڙل شاهه جي قبر ڪشائي ڪئي وئي

ڪنڌرا ( رپورٽر ) ڪجھ مهينا اڳ سچل ڳوٺ (ڪراچي) ٿاڻي جي حد ۾ پٽ ھٿان پنجهتر ورهين جي قتل ٿيل مسمات(ز) بي بي زال سيدڪوڙل شاه جي لاش سيشن جج ڪراچي جي حڪم تي ڪنڌرا ٿاڻي جي حدپيرڪوڪو قبرستان ۾ قبرڪشائي فرسٽ سول جج روهڙي نثاراحمد شر جي زيرنگراني ۾ ڊاڪٽرن جي ٽيم چيئرمين ڊاڪٽرعبدالعزيزعباسي فارنسزڪ ڊاڪٽرضميراحمدگهانگهروپوليس سرجن ڊاڪٽرمحمدياسين آرائين پيٿالاجسٽ ڊاڪٽرامان الله ليڊي ڊاڪٽر نتاشہ جن پهچي قبرکوٽرائي جزا ورتا ياد رهي تہ 30 جون 2020 ڪراچي سچل ڳوٺ ۾ پٽ سيدنورمحمدشاه ولد ڪوڙل شاه هٿان سندس ماءۡ 75 ورهين جي مسمات ( ز) بي بي زال ڪوڙل شاه کي قتل ڪيو هو جنهن جو ڪراچي ۾ سندس ڌيءّ قرت العين زال سيدمنيرشاه ڌيءّ سيدڪوڙل شاه جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويوهو ۽ لاش بنا پوسٽ مارٽم جي ڪنڌرا ٿاڻي جي حدپيرڪوڪو ۾ دفن ڪيو ويو هو جنهن جي شاهدي کان بعد قبر ڪشائي ڪري سيمپل ورتا ويا جيڪي سيل ڪري ڊاڪٽرن۽فرسٽ سول جج روهڙي جي صحيع بعد ساڻ ڪري ليباٽري اماڻڻ لاء واپس روانا ٿي ويا قبرستان جي قبر واري حد کي شاميانہ لڳائي سيل ڪيو ويو ايس ايڇ او ڪنڌرا ذوالفقارعلي ڀنڀرو پاران سخت انتظام ڪندي پوليس جو ڪڙو چڙھيل هيو

Read Previous

ايم ايس ايف ضلعي سانگهڙ ۽ ايم ايس ايف سٽي جي نوجوانن پاران سانگهڙ ۾ قائم ڪيل فري ميڊيڪل ڪيمپ جو افتتاح فنڪشنل مسلم ليگ چيف آرگنائزر ڪاشف نظاماڻي ڪيو

Read Next

ڀارت غلط فهمي ۾ نه رهي، جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين: وزيراعظم

Most Popular