ڀارت غلط فهمي ۾ نه رهي، جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين: وزيراعظم

اسلام آباد : وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته دنيا کي هڪ ڀيرو ٻيهر آگاهه ڪرڻ چاهيان ٿو ته ڀارت فالس فليگ آپريشن ڪري سگهي ٿو، جنهن جو منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين.ٽوئيٽر تي بيان ڏيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته ڀارت گڏيل قومن جي گاڏي تي ڄاڻي واڻي فائرنگ ڪئي، ڀارت گڏيل قومن جي نشان، نيري جهنڊي باوجود گاڏي کي نشانو بڻايو، گڏيل قومن جي گاڏي تي فائرنگ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي، پاڪستان ڀارت جي ان رويي جي سخت مذمت ڪري ٿو.هن چيو ته 2020 ۾ ڀارت ايل او سي تي جنگبندي جي 3 هزار ڀيرا ڀڃڪڙي ڪري چڪو آهي، ڀارتي ڀڃڪڙين جي نتيجي ۾ 276 شهري شهيد ٿي چڪا آهن، انهن شهيدن ۾ 92 عورتون ۽ 68 ٻار به شامل آهن.سندس چوڻ هو ته ڀارت معاشي بدحالي، آبادگارن جي احتجاج ۽ ڪورونا وبا کي منهن ڏيڻ ۾ ناڪامي جهڙن مسئلن جو شڪار آهي ۽ اندروني مسئلن تان ڌيان هٽائڻ لاءِ پاڪستان خلاف فالس فليگ آپريشن ڪري سگهي ٿو.عمران خان چيو ته دنيا کي هڪ ڀيرو ٻيهر آگاهه ڪرڻ چاهيان ٿو ته ڀارت فالس فليگ آپريشن ڪري سگهي ٿو، ڪنهن به فالس فليگ آپريشن جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو، ڀارت ڪنهن غلطي فهمي ۾ نه رهي.

Read Previous

ڪنڌرا : عدالتي حڪم تي سيد ڪوڙل شاهه جي قبر ڪشائي ڪئي وئي

Read Next

سينيٽ جي خالي ٿيندڙ سيٽن تي چونڊون ڏهين فيبروري کان اڳ نٿيون ٿي سگهن: اليڪشن ڪميشن

Most Popular