پنوعاقل : ڳوٺ سردار صاحب خان ڪورائي ۾ پراڻي تڪرار تان ڪورائي برادري جي ماڻهن جي سردار صاحب خان ڪورائي جي ڪوٽ بنگلي تي فائرنگ ڪري حراس پکيڙيو ويو

پنوعاقل ( رپورٽ فيصل حيات جهنڊير ) دادلوءِ ٿاڻي جي حد قومي شاهراھ تي ڳوٺ سردار صاحب خان ڪورائي ۾ پراڻي تڪرار تان ڪورائي برادري جي ماڻهن جي سردار صاحب خان ڪورائي جي ڪوٽ بنگلي تي فائرنگ ڪري حراس پکيڙيو ويو، ڪاشف نالي هڪ همراھ موٽرسائينڪل جو ٽڪر هڻي سردار صاحب خان ڪورائي جي پٽ ڪئيس خان ڪورائي کي به ڌڪي ڪري وڌو جنهن بعد پوليس پهچي جھيڙي تي ڪنٽرول ڪيو دادلوءِ ٿاڻي تي بااثر ماڻهن بشير احمد، سليمان، محمّد مراد، محمّد عثمان ۽ ٻين ڪاشف ڪورائي کي فريادي بڻائي دادلوءِ ٿاڻي تي ڪورائي قبيلي جي سردار ۽ پي ٽي آءِ تعلقي پنوعاقل جي صدر صاحب خان ڪورائي ۽ ان جي پٽرن، عبدال احد، عبدالوهاب، اويس خان، ڪئيس خان، حاجي خان ۽ ٻين خلاف دادلوءِ پوليس ڪيس داخل ڪري سردار صاحب خان ڪورائي جي هڪ پٽر کي گرفتار پڻ ڪري ورتو آهي ان ڏس ۾ پي ٽي آءِ تعلقي پنوعاقل جي صدر سردار صاحب خان ڪورائي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڪورائي برادري جا ڪجھ شرارتي ماڻهو لاڳيتو پ پ پ سان تعلق رکندڙ ضلعي سکر جي وزيرن مشيرن جي آشيرواڍ تي پي ٽي آءِ سان تعلق هجڻ ۽ عمران خان کي ووُٽ ڏيڻ تي لاڳيتو حرڪتون ڪندا اچن پيا اسان جي حويلي تي فائرنگ ڪري منهنجي پٽر ڪئيس خان کي ڌڪي ڪري ڪوٽ تي فائرنگ به ڪئي وئي ۽ بااثر شخصيت جي چوڻ تي ڪوڙو ڪيس به داخل ڪيو ويو آهي شرارتي هٿياربند ڪوٽ ٻاهران هاڻ به هٿياربند بڻيل آهن آءِ جي سنڌ، ايس ايس پي سکر عرفان علي سمون ۽ ٻين شرارتي ۽ ڏوهاري ذهنيت رکندڙ ماڻهن تي ڪنٽرول ڪري ڪوڙو ڪيس ختم نه ڪيو ويو ته وڏي ويڙاهنڌ ٿي پوندي جنهن جي ذميوار ضلعي انتظاميه ۽ پ پ پ جا چونڊيل نمائندا هوندا

Read Previous

پنوعاقل : دادلوء لڳ نيباھو ملڪ سي پيڪ طرف ويندڙ رستي تي هٿياربندن جو ٽولو فرلٽ لاء بيٺل هيو

Read Next

مٽياري ۾ ڪرونا جي تباھڪارين بابت ” بيوس ” بخش علي چانڊيو جي لکيل ڪتاب جي رونمائي سنڌ گريجوئيٽ ايسوسئيشن جي ميمبرن جي شرڪت

Most Popular