نيوزي لينڊ خلاف پهرئين ٽيسٽ ميچ لاءِ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ترنگا پهچي وئي

لاهور: نيوزي لينڊ خلاف پهريون ٽيسٽ ميچ کيڏڻ لاءِ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ترنگا پهچي وئي آهي. قومي اسڪواڊ بس ذريعي نيپئر ترنگا پهتو، پاڪستاني شاهينن ۾ شامل ٽيسٽ ڪرڪيٽرز به وانگرائي کان هملٽن ذريعي ترنگا پهتا، پاڪستان ۽ نيوزي لينڊ وچ ۾ پهريون ٽيسٽ ميچ 26 ڊسمبر کان مائونٽ منگنوئي ۾ شروع ٿيندو، پاڪستان شاهينز جي ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ ۾ شامل رانديگر ترنگا کان هملٽن لاءِ روانا ٿي ويا. ڪرڪيٽرز ڪجهه دير کانپوءِ هملٽن ۾ موجود پاڪستان شاهينز جي اسڪواڊ کي جوائن ڪري وٺندا، پاڪستان کي شاهينز کي پنهنجو پهريون ٽي ٽوئنٽي ميچ 27 ڊسمبر تي ناردرن نائٽس خلاف هملٽن ۾ کيڏڻو آهي، محمد حفيظ ۽ عماد وسيم قومي اسڪواڊ کان الڳ ٿي ويو، ٻئي رانديگر ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ جو حصو هئا، عماد وسيم بيش ليگ کيڏڻ لاءِ اڄ آسٽريليا جڏهن ته محمد حفيظ آڪلينڊ کان پاڪستان لاءِ روانو ٿيندو.

Read Previous

فيس بڪ ايپل جي مخالفت ۾ اهم قدم کڻي ڇڏيو

Read Next

علي ظفر خلاف سوشل ميڊيا تي مهم هلائڻ سبب ميشا شفيع عدالت طلب

Most Popular