شهيد بينظير ڀٽو جي 13 ورسي، بلاول ڀٽو ۽ مريم نوازاسٽيج تي موجود

لاڙڪاڻو:   اڳوڻي وزيراعظم شهيد بينظير ڀٽو جي 13هين ورسي جي موقعي تي جلسي لاءِ بلاول ڀٽو، مريم نواز سميت ٻيا اڳواڻ اسٽيج تي پهچي ويا آهن.  پارٽي جهنڊا کڻي ڪارڪنن جو وڏو انگ به پنڊال ۾ موجود آهي. تفصيل موجب اڳوڻي وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي اڄ 13هين ورسي ملهائي پئي وڃي. جنهن جي لاءِ ڳڙهي خدا بخش ۾ پهريون ڀيرو پيپلز پارٽي جي اڳواڻن سان گڏ پي ڊي ايم جا اڳواڻ مريم نواز، عبدالغفور حيدري سميت ٻين پارٽي جا اڳواڻ عوام کي خطاب ڪندي. شهيدن جي مزار ۽ جلسي گاهه کي بينرز ۽ پارٽي جهنڊن سان سجايو ويو آهي. جلسي گاهه ۾ ڪارڪنن جي ويهڻ جي لاءِ ڪيمپس لڳائي قالين وڇايا ويا آهن مزار جي اچڻ وارن دروازن تي واڪ ٿرو گيٽس لڳايا ويا آهن. ورسي جي موقعي تي سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪندي 7 هزار پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن جن ۾ عورت ڪمانڊوز ۽ ٽريفڪ پوليس اهلڪار شامل آهن. جلسي گاهه جي سي سي ٽي وي ڪيمرائن سان به مانيٽرنگ ڪئي پئي وڃي. جلسي گاهه ۾ مختلف کاتن ۽ پيپلز پارٽي طرفان استقباليه ۽ ميڊيڪل ڪيمپ به قائم ڪيا ويا آهن ورسي جي تقريبن ۾ شرڪت جي لاءِ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سميت اهم قيادت لاڙڪاڻو پهچي چڪي آهي.

Read Previous

لاهور ۽ لاڙڪاڻي جي روڊن تي گهلڻ جو اعلان ڪرڻ وارا اڄ هڪ ٻئي جا مهمان بڻجي ويا: شبلي فراز

Read Next

واٽس ايپ نئين سال ۾ وڏيون تبديليون ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو

Most Popular