نوجوانن جو ملڪ جي ترقي، خوشحالي ۾ وڏو اهم ڪردار آهي، نوجوانن ۾ اڳتي وڌڻ ۽ ڪم ڪرڻ جون صلاحتيون موجود آهن : محمد جاويد ميمڻ

سکر( رپورٽ۔امداد علي گل ڪلوڙ ) سکر ڊيويلپمنٽ الائنس جي چيئرمين حاجي محمدجاويد ميمڻ چيو آهي ته نوجوانن جو ملڪ جي ترقي، خوشحالي ۾ وڏو اهم ڪردار آهي، نوجوانن ۾ اڳتي وڌڻ ۽ ڪم ڪرڻ جون صلاحتيون موجود آهن، حڪومت کي گهرجي ته نوجوانن کي موقعا فراهم ڪن ته جيئن هو پنهنجي صلاحتين کي استعمال ڪندي ملڪ جي ترقي، خوشحالي جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا سگهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي آفيس ۾ طارق گهمرو جي اڳواڻي ۾ ملاقات جي لاءِ ايندڙ نوجوانن جي وفد سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. ان موقعي تي مولانا عبيدالله ڀٽو، غلام مصطفي ڦلپوٽو، آغا طاهر مغل، ڊاڪٽر سعيد اعواڻ، محمد عدنان انصاري ۽ ٻيا به موجود هئا. حاجي محمد جاويد ميمڻ جو چوڻ هو ته هن وقت سنڌ جو ٽيون وڏو شهر سکر تباهي جي ڪناري تي پهچي چڪو آهي، چونڊيل نمائندن شهر کي لاوارث ڇڏي ايوانن جا مزا ماڻي رهيا آهن، نوجوانن ۾ پنهنجي نمائندن جي درست چونڊ جي لاءِ شعور بيدار ٿي رهيو آهي، نوجوان جي ووٽ جي درست استعمال سان ئي اسان پنهنجا بنيادي مسئلا حل ڪرائي سگهون ٿا. هن جو چوڻ هو ته سکر ڊيويلپمنٽ الائنس جي پليٽ فارم تان جتي شهر جي بنيادي مسئلن جي حل جي لاءِ آواز اٿاريو آهي تي واپارين ۽ شهرين ۽ نوجوانن جي مسئلن جي حل لاءِ به جدوجهد ڪئي آهي، جيڪي اڄ به جاري آهي. حاجي محمد جاويد ميمڻ جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان شهري مسئلن جي حل لاءِ ڪنهن به صورت سمجهوتو نه ڪنداسين، اسان هميشه شهر جي بهتري جي لاءِ ڪم ڪيو آهي جنهن ۾ اسان گڏ شهر جي سياسي، سماجي، مذهبي ، قومپرست تنظيمن جي اڳواڻن جو ڀرپور ساٿ رهيو آهي. انشاالله آئنده به انهي انداز سان عوامي مسئلن کي اجاگر ڪنددي انهن جي حل لاءِ قدم کڻندا رهنداسين.

Read Previous

مٽياري : استادن پاران لاڙڪاڻي رليو ڪيل ماسترن جي حق ۾ احتجاج ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي نعريبازي

Read Next

سجاول : باء پاس ته تعمير ٿي ويا پر زميندارن کي سندس معاوضو نه ملي سگھيز،زميندارن جو سجاول پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو

Most Popular