شھري اتحاد سجاول جي وفد جي ڊپٽي ڪمشنر سجاول،ايس ايس پي سجاول سان ملاقات شھر جي مسئلن تي تفصيلي ڳاله ٻوله ضلعي سجاول جا مسئلا حل ڪرڻ ضلعي مان منشيات جي خاتمي ۽ منشيات فروشن خلاف ڪاروائي تي اتفاق

سجاول(رپوٽ:عتيق الرحمان کتري)شھري اتحاد سجاول جي وفد جي ڊپٽي ڪمشنر سجاول،ايس ايس پي سجاول سان ملاقات شھر جي مسئلن تي تفصيلي ڳاله ٻوله ضلعي سجاول جا مسئلا حل ڪرڻ ضلعي مان منشيات جي خاتمي ۽ منشيات فروشن خلاف ڪاروائي تي اتفاق خبرموجب:شھري اتحاد سجاول جي صدر اڪرم ميمڻ،منيراحمد،ايازنياز،شاداب جوڻيجو،عبدالخالق جي ڊپٽي ڪمشنر سجاول اسماعيل ميمڻ،ايس ايس پي سجاول الطاف حسين سان ملاقات ڪئي وئي جنھن ۾ شھري اتحاد سجاول جي وفد سان ٻنھي آفيسرن پاران ضلعي جي مسئلن تي تفصيلي ڳاله ٻوله ڪئي وئي.شھري اتحاد سجاول جي وفد چيو ته سجاول شھر ۾ جيڪي ترقياتي ڪم ٿي رھيا آھن انھن ۾ ناقص مٽيريل استعمال ٿي رھيو آھي.ھڪ ئي اي سي ٻن شھرن جي جي چارج وٺي ڪري ٻنھي ٽائون ڪميٽين جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آھي.جعلي ڊوميسائل اڃا تائين رد نه ٿيا آھن.۽ ضلعي سجاول ۾ منشيات کلي عام ھلي رھي آھي پوليس صرف ننڊين ڪبينن وارن خلاف ڪاروائي ڪري ٿي پر وڏن ڊيلرن خلاف ڪاروائي نٿي ٿئي جنھن کانپوء ٻنھي آفيسرن شھري اتحاد جي وفد کي يقين ڏياريو ته ضلعي سجاول جا مسئلا حل ڪرڻ اسان جي پھرين ترجيع آھي.ڊي سي سجاول چيو ته ناقص مٽيريل جنھن ڪم ۾ استعمال ٿئي پيو ان تي ڪاروائي ڪئي ويندي.جعلي ڊومسائل رد ڪريون ٿا.جنھن اي سي وٽ ٻن تعلقن جي چارج آھي ان خلاف اعلي عملدارن کي اسان به لکون ٿا توھان به لکو جلد ڪو ٻيو آفيسر اچي،ايس پي سجاول چيو ته سجاول ضلعي ۾ منشيات خلاف ڪاروائي ڪئي پئي وڃي.ڪنھن به منشيات فروش کي بخش نه ڪيو ويندو.وڏن ڊيلرن خلاف به ڪاروائي ڪري رھيا آھيون.

Read Previous

نوشھروفيروز: سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي نوشھرو فيروز جي طرفان اوٻاوڙو ۾ سنڌ سڀا جي قافلي تي پوليس گردي ڪري گرفتار ڪرڻ ۽ تشدد ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

Read Next

مٽياري : اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ايڊمنسٽريٽر ٽائون ڪميٽي مٽياري عبدالمجيد زهراڻي ٽائون ڪميٽي مٽياري جي اسٽاف سان گڏ شهر جي مختلف پاڙن ۽ گهٽين جو دورو

Most Popular