سپريم ڪورٽ ٻن هفتن ۾ ڪرڪ مندر جي ٻيهر تعمير شروع ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد:   سپريم ڪورٽ 2 هفتن ۾ ڪرڪ مندر جي ٻيهر تعمير شروع ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت فعال ۽ غير فعال مندرن ۽ گوردوارن جا تفصيل طلب ڪندي ان تان حددخليون ختم ڪرڻ ۽ قبضن ۾ ملوث اهلڪارن جي خلاف ڪارروائي جي به هدايت ڪري ڇڏي. رپورٽ موجب چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ڪرڪ  ۾ مندر کي باهه ڏئي ساڙڻ بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. آءِ جي ۽ چيف سيڪريٽري ڪي پي ڪي عدالت ۾ پيش ٿيا. ٻڌڻي دوران جسٽس اعجازالحسن اءِ جي کي مخاطب ٿيندي پڇاڻو ڪيو ته پوليس چوڪي گڏ آهي هي واقعو ڪيئن ٿيو. ايترا ماڻهو جمع هئا، اوهان جي انٽيلي جنس ايجنسيون ڇا ڪري رهيون هيون؟ جنهن تي آءِ جي ڪي پي ڪي ٻڌايو ته جي يو آءِ جي مقامي اڳواڻ مولانا فضل الله ميڙ کي اسپانسر ڪيو. 6 عالمن مان صرف مولوي شريف احتجاج تي ڀڙڪايو، واقعي ۾ ملوث 109 ڄڻا گرفتار آهن. ايس پي ۽ ڊي ايس پي سميت ڊيوٽي تي مقرر 92 اهلڪارن کي معطل ڪيو ويو آهي. چيف جسٽس چيو ته صرف معطلي ڪافي نه آهي. مندر جي تعمير جي لاءِ مولوي شريف کان پئسا ورتا وڃن. چيف جسٽس چيئرمين کي مخاطب ٿيندي چيوته اوهان چيئرمين جي عهدي تي سرڪاري ذهنيت کڻي نه ويهو، اوهان جي اداري جا ملازم مندر جي زمينن تي ڪاروبار ڪري رهيا آهن. انهن کي گرفتار ڪريو. ڪرڪ مندر جي ٻيهر تعمير شروع ڪرايو.  چيف سيڪريٽري ڪي پي ڪي ٻڌايو ته صوبائي حڪومت سمادهي جو پنهنجي خرچ تي ٻيهر تعمير شروع ڪندي. صوبائي لاڳاپيل ملڪيت جي چيئرمين جو چوڻ هو ته سمادهي هندو ڪميونٽي پاڻ هلائيندي آهي. مندر فعال نه هو ان لاءِ اتان جو عملو هتي نه هو. چيئرمين هندو ڪائونسل رميش ڪمار چيو ته مندر تي ميلا به لڳندا آهن ۽ هر مهيني 300 کان 400 هندو حاضري  به ڏيندا آهن. 1997ع ۾ به مندر  ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي. هنن جي انڪار کان پوءِ هندو ڪائونسل پنهنجي فنڊ مان مندر لاءِ پئسا ڏنا. چيف جسٽس چيو ته پوليس جو ڪم قانون لاڳو ڪرڻ آهي. پوليس ميڙ کي اندر وڃڻ جي اجازت ڪيئن ڏني. پوليس اهلڪارن کي صرف معطل ڪرڻ ڪافي نه آهي. هنن کي پگهار ته ملندي رهندي، واقعي سان ملڪ جي بدنامي ٿي سوشل ميڊيا تي سموريون تصويرون سڄي دنيا ۾ پکڙجي ويون آهن. مولوي شريف اهو سڀ ڪجهه ڪرايو آهي. ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته مولوي شريف کي گرفتار ڪري ورتو آهي. چيف جسٽس چيو ته مولوي شريف ته عدالت کان ضمانت تي ٻاهر اچي ويندو. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس چيف سيڪريٽري کان پڇاڻي دوران حڪم ڏنو ته جن ماڻهن مندر کي ساڙيو انهن کان پئسا ريڪور ڪريو. جيستائين هن ماڻهن جي کيسن مان پئسا نه نڪرندا هي ٻيهر ساڳيو ڪم ڪندا. واضح رهي ته گذريل هفتي ڪرڪ جي تعلقي بانڊه دائود شاهه جي علائقي  ٽيري ۾ ماڻهن حملو ڪري هندوئن جي مندر ۽ سمادهي ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي هئي پوليس جي وڏي نفري اتي موجود هئي پر ڀڃ ڊاهه کي روڪڻ جي لاءِ ڪوبه قدم نه کنيو ويو. بعد ۾ واقعي ۾ ملوث 36 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو هو.

Read Previous

حڪومت پي ڊي ايم کي اليڪشن ڪميشن آڏو احتجاج جي اجازت ڏئي ڇڏي

Read Next

ڪورونا وگهي وڌيڪ 59 فوتگيون، هڪ هزار کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ

Most Popular