پهريون ئي گيت ڪامياب ٿيڻ تي حرا ماني مداحن جي ٿورائتي

اداڪاريءَ کانپوءِ گلوڪاريءَ ۾ به پاڻ مڃرائيندڙ حرا ماني پنهنجي ڪاميابي جو سبب مداحن کي قرار ڏئي ڇڏيو.

ڪشمير بيٽس طرفان جاري ڪيل حرا ماني جو پهريون ئي ويڊيو گيت ”سواري“ سپر هٽ ٿي ويو آهي، جنهن کي يوٽيوب تي هيل تائين 20 لک کان وڌيڪ ڀيرا ڏٺو ويو آهي.

ان حوالي سان حرا ماني پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي هڪ تصوير جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ هن کي ڳاڙهي رنگ جي ڊريس پاتل آهي ۽ کيس مائيڪ پڪتل آهي.

Read Previous

پي سي بي چيئرمين هر مهيني ساڍا 9 لک رپيا خرچ ڪري ٿو

Read Next

”هن سال ڪنهن به ٻار کي بنا امتحانن جي پروموٽ نه ڪيو ويندو“

Most Popular