”هن سال ڪنهن به ٻار کي بنا امتحانن جي پروموٽ نه ڪيو ويندو“

Saeed ghani

سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني چيو آهي ته هن ڀيري ٻارن کي امتحان کان سواءِ پروموٽ نه ڪيو ويندو.

ڪراچي ۾ سعيد غني جي صدارت هيٺ تعليم کاتي جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ تعليم واري سيڪريٽري، سنڌ جي ڪاليجز واري سيڪريٽري، سمورن خانگي اسڪولز جي ايسوسيئيشنز جي عهديدارن، تعليم کاتي جي اعليٰ آفيسرن، بورڊ يونيورسٽيز جي چيئرمينز ۽ سيڪريٽري سميت ڪميٽي جي ميمبرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ تعليمي ادارن جي پهرين فيبوري کان پرائمري، مڊ: ۽ سيڪنڊري ڪلاسز کي کولڻ جي حوالي سان تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ امتحانن جي شيڊول ۽ سليبس جي حوالي سان مشاورت ڪئي وئي.

ان موقعي تي سعيد غني چيو ته اسان ڪورس کي وڌيڪ گهٽ نٿا ڪري سگهون اسان کي امتحانن کي ري شيڊول ڇو نه ڪرڻو پوي، نئين تعليمي سال جي حوالي سان به حالتن کي ڏسي اسان کي منصوبابندي ڪرڻي پوندي، ڪووڊ جي ڪري اسان جو تعليمي شيڊول خراب نموني متاثر ٿيو آهي ۽ اسان کي ٻيهر شيڊول جي موجب اچڻ ۾ وقت لڳندو، اسان کي غير معمولي حالتن کي نظر ۾ رکندي غير معمولي فيصلا ڪرڻا پوندا.

بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سعيد غني جو چوڻ هو ته هن ڀيري ٻارن کي بنا امتحانن جي پروموٽ نه ڪيو ويندو ۽ امتحان هي صورت ۾ ٿيندا، ڀلي اڳتي ئي ڇو نه کڻي وڃڻو پوي، پهرين فيبروري کان سمورا تعليمي ادارا کلندا جنهن کان پوءِ ڪووڊ ٽيسٽ جو سلسلو ٻيهر شروع ڪنداسين.

Read Previous

پهريون ئي گيت ڪامياب ٿيڻ تي حرا ماني مداحن جي ٿورائتي

Read Next

”پي ڊي ايم کي وزير اعظم خلاف تحريڪ عدم اعتماد آڻڻ تي راضي ڪنداسين“

Most Popular