”پي ڊي ايم کي وزير اعظم خلاف تحريڪ عدم اعتماد آڻڻ تي راضي ڪنداسين“

پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته حڪومت کي هٽائڻ ۽ ڪٽ پتلي وزير اعظم کي گهر موڪلڻ جو طريقو تحريڪ عدم اعتماد آهي.

لاڙڪاڻي ۾ خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته حڪومت کي هٽائڻ جو آئيني، قانوني ۽ جمهوري طريقو اِهو آهي ته اسان تحريڪ عدم اعتماد کڻي اچون، اسان پنهنجي اتحادين کي ان حڪمت عملي تي راضي ڪنداسين، حڪومت جو جيترو پگهر اسان جي چانهه جي دعوتن سان نڪرندو ايترو اسان جي 10-10 جلسن سان اثر نه پوندو، پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تان حڪومت کي گهر موڪلڻ چاهيون ٿا پر جمهوري، آئيني ۽ قانوني طريقي سان موڪلينداسين.

Read Previous

”هن سال ڪنهن به ٻار کي بنا امتحانن جي پروموٽ نه ڪيو ويندو“

Read Next

ن ليگ براڊ شيٽ جاچ لاءِ جسٽس عظمت سعيد جي مقرري رد ڪري ڇڏي

Most Popular