سينيٽ چيئرمين جي چونڊ: مولانا ۽ مريم نواز جو حڪومت تي هارس ٽريڊنگ جو الزام

مولانا فضل الرحمان ۽ مريم نواز حڪومت تي سينيٽ چيئرمين جي چوند ۾ هارس ٽريڊنگ جو الزام لڳائي ڇڏيو.

ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين سينيٽ جي چونڊ لاءِ ن ليگ جي سينيٽرن کي فون اچي رهيا آهن.

مريم نواز موجب اسان جي سينيٽرز کي چيو پيو وڃي ته هو پي ڊي ايم جي اميدوار کي ووٽ نه ڏين، ن ليگ جي ڪجهه سينيٽرن اهي ڪالز رڪارڊ ڪري ورتيون آهن.

جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جو چوڻ آهي ته اسان جي ميمبرن تي سنجراڻي کي ووٽ ڏيڻ لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي، اسان کي ميمبرن کي ٽوڙيو ته سڀ عوام جي آڏو آڻينداسين.

Read Previous

اسلام قبول ڪندڙ ڪينيڊين بلاگر پاڪستاني نوجوان سان شادي ڪري ڇڏي

Read Next

حڪومت ملڪ لاءِ ڪينسر بڻجي چڪي آهي: مريم نواز

Most Popular