يو ٽرن وٺڻ وارا ناهيون، ضرورت پئي ته استعيفائون به ڏينداسين: مراد علي شاهه

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته اسان لانگ مارچ لاءِ تيار آهيون. پر  اجلاس ۾ پي ڊي ايم اڳواڻ  استعيفائن جو معاملو اڳيان کڻي آيا جنهن جي راءِ سينٽرل ايگزيڪٽو ڪميٽي کان وٺڻ ضروري آهي.

اسان جي پارٽي سمجهي ٿي ته استعيفائن جي جڏهن ضرورت هوندي ته استعيفائون به ڏينداسين. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي ۾ ٽيچرز ٽريننگ اسڪول جي دوري دوران صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته اسان جي پارٽي سمجهي ٿي ته استعيفائن جي جڏهن ضرورت پوندي ته استعمال ڪنداسين. اسان يو ٽرن وارا ناهيون اهو ڪم ٻيا ڪندا آهن.

مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت کي هن سال هينئر تائين 80 ارب روپيه گهٽ مليا آهن.  پئسا گهٽ ملڻ سبب سنڌ ۾ مسئلا سامهون اچي رهيا آهن. وفاق  جو 57 سيڪڙو ڪليڪشن صوبن ڏانهن وڃي ٿو. ان ڪليڪشن ۾ وفاق ريڪوري ۾ ناڪام ٿيو آهي.

Read Previous

مريم نواز کي ٻيهر گهرائڻ احتساب جي منهن تي چماٽ آهي: مريم اورنگزيب

Read Next

پنجن سالن کان پوءِ احتساب ٿيڻ گهرجي ته اسان ملڪ ۽ عوام لاءِ ڇا ڪيو: وزيراعظم

Most Popular