ڏکيائي پيش آئي ته حڪومت طرفان ڳالهائينداسين:يوسف رضا گيلاني

پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزير اعظم يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته جيڪڏهن ڪڏهن ڏکيائي آئي ته اسان حڪومت طرفان به ڳالهائينداسين.

سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي نامزدگي کان پوءِ ايوان جي پهرين اجلاس کي خطاب ڪندي نئين چونڊيل سينيٽر جو چوڻ هو ته جڏهن آئون وزير اعظم هيس ته جيڪڏهن وزيرن کي ايوان ۾ جواب ڏيڻ ۾ ڏکيائي پيش ايندي هئي ته آئون جواب ڏيندو هوس.

هن چيو ته هن ملڪ ۾ جيڪي تڪليفون آهن انهن جو تدارڪ اسان سڀني کي ڪرڻو آهي، عوام جي ترجماني اسان جو فرض آهي، عوام کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ اسان سڀ هڪ آهيون.

سندس چوڻ هو ته مون کي چيو ويو هو ته سينيٽ ۾ وڏي عمر جا ماڻهو آهن پر اڄ ڏسو ته هتي نوجوان وڌيڪ آهن.

Read Previous

پي ڊي ايم پيپلز پارٽي ۽ عوامي نيشنل پارٽي کي شوڪاز موڪلي ڇڏيو

Read Next

”پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه مان ايندڙ مسافرن کي روڪيو وڃي“

Most Popular