پنجاب: ڪورونا کي نظر ۾ رکندي سپر الرٽ جي منظوري

پنجاب جي ايپڪس ڪميٽي ڪورونا کي نظر ۾ رکندي عالمي اڏامن جي آمد جي موقعي تي سپر الرٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار جي صدارت هيٺ صوبائي ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪور ڪمانڊر لاهور ليفيٽيننٽ جنرل عبدالعزيز، جنرل آفيسر ڪمانڊنگ 10 ڊويزن ميجر جنرل انيق الرحمان ملڪ، ڊي جي رينجرز پنجاب ۽ عامر مجيد ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ ڪورونا کي منهن ڏيڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻڻ واري عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو ۽ عسڪري قيادت سول حڪومت کان هر ممڪن سهڪار جاري رکڻ جي خاطري ڪرائي.

Read Previous

”وڏن تائين هٿ نه پهچڻ سبب نيب ڪرپشن تي ضابطو آڻڻ ۾ ناڪام رهيو“

Read Next

خوراڪ کاتي جي صوبائي وزير هري رام کي آفيس اندر دل جو دورو، اسپتال منتقل

Most Popular