خوراڪ کاتي جي صوبائي وزير هري رام کي آفيس اندر دل جو دورو، اسپتال منتقل

سنڌ جي خوراڪ کاتي جي صوبائي وزير هري رام ڪشوري لال کي آفيس اندر دل جو دورو پيو جنهن کان پوءِ کيس طبي امداد جي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.

تفصيل موجب هري رام ڪشوري لال کي دل جو دورو سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ پنهنجي آفيس ۾ پيو جنهن سبب هو بيهوش ٿي ويو. آفيس ۾ موجود اسٽاف فوري طور تي ريسڪيو عملي کي اطلاع ڏني جنهن ايمبولينس ذريعي خوراڪ واري صوبائي وزير کي اسپتال منتقل ڪيو.

صوبائي وزير جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هري رام ڪشوري لال جو بلڊ پريشر هاءَ ٿي ويو هو جنهن سبب هو بيهوش ٿي ويو. طبي امداد ملڻ کان پوءِ هري رام ڪشوري لال جي طبيعت بهتر آهي ۽ هاڻ هو هوش ۾ آهي. جڏهن ته ڊاڪٽرن کيس آرام جو مشورو ڏنو آهي.

Read Previous

پنجاب: ڪورونا کي نظر ۾ رکندي سپر الرٽ جي منظوري

Read Next

پاڪستان ۽ ترڪي سميت عالمي دٻاءُ جا اثر، حماس ۽ اسرائيل وچ ۾ جنگبندي جو اعلان

Most Popular