ڪوئيٽا کي ٻيو ڌڪ، انور علي ڪورونا مريض نڪتو

Dambulla Viiking’s Anwar Ali celebrates after dismissing Kandy Tuskers’ Kusal Perera during the Lanka Premier League (LPL) Twenty20 cricket match between the Dambulla Viiking and Kandy Tuskers at the Suriyawewa Mahinda Rajapaksa International Cricket Stadium in Hambantota on November 28, 2020. (Photo by – / AFP) (Photo by -/AFP via Getty Images)

ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز جو آل رائونڊر انور علي ڪورونا وائرس سبب پي ايس ايل کان ٻاهر ٿي ويو.

پاڪستان سپر ليگ 6 جي حوالي سان ڏکيائيون گهٽ نه ٿي رهيون آهن ۽ ليگ کي هڪ ٻيو ڌڪ لڳو آهي، گذريل ڏينهن ڪراچي جي هڪ هوٽل ۾ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز جي سڀني رانديگرن جون ڪورونا ٽيسٽون ڪيون ويون هيون ۽ آل رائونڊر انور علي ڪورونا جو مريض نڪتو آهي، جنهن کانپوءِ هوٽل ۾ ٿرٿلو مچي ويو.

ڪورونا ٽيسٽ جو نتيجو هاڪاري اچڻ کانپوءِ انور علي کي هوٽل جي ڌار ماڙ تي قرنطينه موڪليو ويو آهي، جڏهن ته هو ٽيم سان گڏ ابوظهبي لاءِ سفر نه ڪري سگهندو.

واضح رهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ گذريل ڏينهن ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز جي فاسٽ بالر نسيم شاهه کي پراڻي ڪورونا ٽيسٽ رپورٽ جمع ڪرائڻ تي ليگ کان ٻاهر ڪري ڇڏيو هو، جڏهن ته ملتان سلطانز جو شاهد آفريدي به انجريءَ سبب پي ايس ايل 6 کان ٻاهر ٿي چڪو آهي.

Read Previous

لنڊسي لوهان جي وڏي وقت کانپوءِ فلمي دنيا ۾ واپسي

Read Next

پي ڊي ايم نوٽيس ڦاڙي چڪو آهيان ۽ موقف تي قائم آهيان: بلاول ڀٽو زرداري

Most Popular