پي ڊي ايم نوٽيس ڦاڙي چڪو آهيان ۽ موقف تي قائم آهيان: بلاول ڀٽو زرداري

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته مان پي ڊي ايم جو موڪليل نوٽيس ڦاڙي چڪو آهيان، پنهنجي موقف تي قائم آهيان، مريم نواز ۽ نواز شريف وٽ جوابده ناهيان.

ماتلي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته بدين جي عوام ثابت ڪري ڇڏيو ته اهو پ پ سان گڏ آهي، وفاق جون سنڌ سان نا انصافيون جاري آهن، اين ايف سي ايوارڊ کان وٺي پاڻي تائين نقصان ڏنو پيو وڃي.

هن چيو ته پاڻي جي معاملي تي ڳالهائڻ تي ارسا ۾ سنڌ جي ميمبر کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، جنهن جي اسان مذمت ڪيون ٿا ۽ ارسا چيئرمين کي هٽائڻ جو مطالبو ڪيون ٿا، اسان سنڌ جي حقن ڳالھه ڪيون ٿا، پ پ عوامي جهدوجهد تان ڪڏهن به ھٿ نه کڻندي.

Read Previous

ڪوئيٽا کي ٻيو ڌڪ، انور علي ڪورونا مريض نڪتو

Read Next

وبا کان اڳ ئي چيني ليبارٽري جا ڪارڪن ڪورونا سان متاثر ٿيڻ جي دعويٰ

Most Popular