حڪومت ڏهين ۽ ٻارهين جي امتحانن جون تاريخون تبديل ڪري ڇڏيو

A security guard tells students that their school is closed by authorities to control possible spread of coronavirus, in Lahore, Pakistan, Saturday, March 14, 2020. For most people, the new coronavirus causes only mild or moderate symptoms. For some it can cause more severe illness. (AP Photo/K.M. Chaudary)

وفاقي حڪومت ڏهين ۽ ٻارهين جا امتحانن جون تاريخون تبديل ڪندي چيو آهي ته هاڻ اهي 10 جولاءِ کانپوءِ ٿيندا.

تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود جي صدارت هيٺ بين الصوبائي تعليمي وزيرن جي ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ چئني صوبن جي تعليم وارن وزيرن ويڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي.

پوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي شفقت محمود چيو ته مڙني صوبن جي نمائندن سان صلاح مشوري کانپوءِ گڏيل فيصلا ڪيا ويا، گذريل سال اسان ڪجهه ٻار امتحانن بنا پاس ڪيا پر هيل امتحان ڏيڻ بنا ڪنهن کي گريڊ نه ملندو، امتحان هر صورت ۾ ٿيندا.

هن چيو ته اسان کي ڏکيا فيصلا ڪرڻا پيا، جنهن سبب ٻارن جي تعليم متاثر ٿي، تنهن ڪري صوبن جي مشاورت سان فيصلو ڪيو ويو آهي ته نائين ۽ ڏهين جا شاگرد لازمي مضمونن ۽ رياضي جا پيپر ڏيندا، باقي مضمونن جا امتحان نه ٿيندا، جڏهن ته يارهين ۽ ٻارهين جا امتحان به لازمي مضمونن سان ورتا ويندا.

Read Previous

اسلامو فوبيا سبب دنيا کي اسلام جي حقيقت کان پري ڪيو پيو وڃي: وزيراعظم

Read Next

ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم، پوليس چيف جي ايس ايڇ اوز کي وارننگ

Most Popular