ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم، پوليس چيف جي ايس ايڇ اوز کي وارننگ

ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم جي روڪٿام لاءِ ڪراچي پوليس چيف عمران يعقوب منهاس سرگرم ٿي ويو.

ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي لاڳاپيل 30 ٿاڻن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن، جن ۾ تنبيهه ڪئي وئي آهي ته شهر جو 50 سيڪڙو اسٽريٽ ڪرائم انهن 30 ٿاڻن جي حدن ۾ ٿي رهيو آهي، لاڳاپيل ٿاڻن جا ايس ايڇ اوز اسٽريٽ ڪرائم تي ضابطو آڻين يا گهر وڃن.

نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته ٿاڻيدار پنهنجي علائقن ۾ پيٽرولنگ ۽ سنيپ چيڪنگ کي وڌائن.

ڪراچي پوليس چيف 15 ڏينهن ۾ لاڳاپيل ٿاڻن کي ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي ۽ منشيات فروشي کي روڪڻ لاءِ ٽنهي زونل ڊي آءِ جيز کي به حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن.

Read Previous

حڪومت ڏهين ۽ ٻارهين جي امتحانن جون تاريخون تبديل ڪري ڇڏيو

Read Next

فن لينڊ جي وزيراعظم کي سرڪاري خرچ تي نيرن ڪرڻ ڳچيءَ ۾ پئجي وئي

Most Popular