”پاڻ کي جمهوري سڏرائيندڙ فوج کي حڪومت ڪيرائڻ جو چوندا آهن“

عمران خان

وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته مخالف ڌر اين آر او لاءِ چوي ٿي ته حڪومت ڪيترائي ڇڏينداسين ۽ پاڻ کي جمهوري سڏرائيندڙ فوج کي حڪومت ڪيرائڻ جو چوندا آهن.

وزير اعظم عمران خان لوڌرا کان ملتان شاهراهه جي اپ گريڊيشن ۽ بحالي منصوبي جو افتتاح ڪري ڇڏيو.

تقريب کي خطاب ڪندي وزير اعظم عمران خان چيو ته جيئن اسان حڪومت ۾ آياسين ته چيو ويو ڪٿي آهي نئون پاڪستان؟ پر اسان اڍائي سال صبر سان گذاريا، ميڊيا به تاثر ڏنو ته بٽڻ آن ڪبو ته نئون پاڪستان ٺهي ويندو جڏهن ته مخالف ڌر به اين آر او جي لاءِ ڊرامو ڪيو ۽ تنقيد ڪئي، اِهو منهنجي لاءِ، منهنجي ٽيم لاءِ ۽ عوام لاءِ سبق آهي ته معاشري ۾ تبديلي جدوجهد سان ايندي آهي.

 هن چيو ته 1947ع کان پوءِ ملڪ جو نظام تبديل ڪرڻ ۽ مافيا کان پاڻ کي آزاد ڪرائڻ لاءِ وڏي جدوجده هلي رهي آهي، هر جاءِ تي مافيا آهي جيڪا چاهي ٿي ته حڪومت ناڪام ٿئي جيئن هو فائدو کڻي سگهي، هن وقت پاڪستان جي تاريخ جي سڀ کان اهم جدوجهد آهي جيڪا قانون جي حڪمراني جي جدوجهد آهي، معاشرو انهيءَ سان تبديل ٿيندو آهي جڏهن طاقتور قانون جي هيٺان ايندو آهي ته ان سان خوشحالي ايندي آهي، دنيا ۾ ڪو به ملڪ ڏسي وٺو، اُتي ڪا به قبضا مافيا، کنڊ مافيا يا سياسي مافيا ناهي.

Read Previous

سنڌ جي سرڪاري ملازمن جي وقت کان اڳ ريٽائرمنٽ تي پابندي لاڳو

Read Next

ڪورنا وائرس: ملڪ ۾83 فوتگيون، ٽن مهينن کان پوءِ مثبت ڪيسن جي سڀ کان گهٽ شرح

Most Popular