وفاقي حڪومت سنڌ ۾ ريلوي زمينون کپائڻ جا منصوبا جوڙي رهي آهي: سپريم ڪورٽ

جسٽس منيب اختر

سپريم ڪورٽ ريلوي جي زمينن تي قبضي بابت تحريري حڪم نامو جاري ڪندي ريلوي جي انفرا اسٽرڪچر ۽ مجموعي ڪارڪردگي جي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

سپريم ڪورٽ پنهنجي تحريري حڪم نامي ۾ ريلوي زمينن جي وڪري جي مبينا منصوبي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو.

حڪم نامي موجب وفاقي حڪومت سنڌ ۾ ريلوي جي زمينن جي وڪرو جو منصوبو جوڙي رهي آهي، ان حوالي سان گورنر هائوس ڪراچي ۾ ميٽنگ به ٿي آهي، وفاقي حڪومت هڪ پاسي ريلوي ايراضي آجي ڪرائڻ جون درخواستون داخل ڪري رهي آهي ته ٻئي پاسي ايراضي جي وڪري جا منصوبا جوڙي رهي آهي.

تحريري حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته ريلوي زمين جي هڪ انچ جي وڪري جي به اجازت نه ڏينداسين.

سپريم ڪورٽ ريلوي ايراضي جي ليز، ٽرانسفر ۽ الاٽمينٽ تي به پابندي لاڳو ڪري ڇڏي.

Read Previous

سنڌ ۾ به ڪورونا ويڪسين نه لڳرائيندڙن جون سِمون بند ڪيون وينديون

Read Next

نيب مسئلو نه پر مسئلن جو حل آهي: جاويد اقبال

Most Popular