عيد کان اڳ قرباني پيو ڏسان، ننڍي يا وڏي پر قرباني ٿيندي: منظور وساڻ

پيپلز پارٽي جي اڳواڻ منظور وساڻ چيو آهي ته عيد کان پهرين قرباني ڏسي رهيو آهيان ۽ قرباني ننڍي هوندي يا وڏي پر قرباني ٿيندي.

پيپلز پارٽي جي اڳواڻ منظور وساڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هي بجيٽ غريب لاءِ نه پر امير لاءِ آهي، جيڪو مقدس ايوان ۾ ٿيو اهو نه ٿيڻ گهرجي ها، سياستدانن کي خراب ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اِها ڪنهن جي سازش ٿي سگهي ٿي.

منظور وساڻ چيو ته وفاقي بجيٽ عوامي بجيٽ ناهي پر هن بجيٽ کي واپاري ۽ بلڊزر مافيا دوست بجيٽ چئي سگهجي ٿي

Read Previous

چونڊن ۾ ڌانڌلي روڪڻ لاءِ اي ووٽنگ اڪيلو آپشن آهي: وزيراعظم

Read Next

ڪورونا ويڪسين: چين سان 2 ڪروڙ 75 لک کان وڌيڪ ڊوزن جي خريداري جو معاهدو طئي

Most Popular