آمريڪا بگرام هوائي اڏو رات جي اونداهي ۾ خاموشي سان خالي ڪري ڇڏيو

آمريڪا بگرام هوائي اڏو رات جي اونداهي ۾ بنا ٻڌائڻ جي خالي ڪيو ۽ آمريڪي فوج روانگي کان اڳ هوائي اڏي جون روشنيون بند ڪيون جڏهن ته ان حوالي سان نئين افغان ڪمانڊر کي آگاهه به ناهي ڪيو ويو.

افغان فوجي اختيارين جو چوڻ آهي ته هوائي اڏي جي نئين ڪمانڊر کي آمريڪي فوج جي روانگي جي ٻن ڪلاڪن کان پوءِ خبر پئي.

بگرام هوائي اڏي جي نئين افغان ڪمانڊر جنرل مير اسد الله ڪوهستاني خبر جي تصديق ڪندي آمريڪي خابرو اداري ٻڌايو ته جڏهن اسان ٻڌيو ته آمريڪي فوج بگرام هوائي اڏو خالي ڪري ڇڏيو آهي ته اسان ان کي افواهه سمجهيو پر صبح 7 وڳي جي لڳ ڀڳ خبر پئي ته آمريڪي فوجي واقعي ۾ وڃي چڪا آهن.

Read Previous

پاڪستان خلاف سيريز کان اڳ انگلينڊ کي وڏو ڌڪ، رانديگرن ۾ ڪورونا جي تصديق

Read Next

وزيراعظم جو اڳتي ڪنهن به نجي تقريب ۾ پروٽوڪول ۽ سيڪيورٽي سان گڏ نه وڃڻ جو اعلان

Most Popular