وزيراعظم جو اڳتي ڪنهن به نجي تقريب ۾ پروٽوڪول ۽ سيڪيورٽي سان گڏ نه وڃڻ جو اعلان

عمران خان

وزيراعظم عمران خان اڳتي ڪنهن به نجي تقريب ۾ پروٽوڪول ۽ سيڪيورٽي سان گڏ نه وڃڻ جو اعلان ڪيو آهي.

ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته اڳتي ڪنهن به نجي تقريب ۾ پروٽوڪول ۽ سيڪيورٽي سان گڏ نه ويندس، اسان جو مقصد آهي ته عوام جي ٽيڪس جو پئسو بچايون ۽ ماڻهن کي ڪا تڪليف نه هجي.هن چيو ته پي ٽي آءِ جي وڏن وزيرن، گورنرن ۽ وزيرن جي سيڪيورٽي ۽ پروٽوڪول تي به نظرثاني ڪري رهيو آهيان، ايندڙ ڪابينا اجلاس ۾ ان حوالي سان گڏيل پاليسي تي فيصلو ڪنداسين، عوام کي تڪليف ڏيندڙ ڪلچر جو خاتمو ڪنداسين.

Read Previous

آمريڪا بگرام هوائي اڏو رات جي اونداهي ۾ خاموشي سان خالي ڪري ڇڏيو

Read Next

قوم پرستن سان ڳالهه ٻولهه جي ايجنڊا طئي ڪئي ويندي: فواد چوڌري

Most Popular