عيد جو تحفو، حڪومت پيٽروليم شين جا اگهه وڌائي ڇڏيا

وفاقي حڪومت عيد کان اڳ ئي عوام کي ڌچڪو ڏيندي پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ ڪري ڇڏي.

وزيراعظم جي خاص مددگار شهباز گل طرفان جاري ڪيل بيان ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو.

شهباز گل ٻڌايو ته پيٽرول جي في ليٽر اگهه ۾ 5 رپيا 40 پئسا واڌ ڪئي وئي آهي، جڏهن ڊيزل جي اگهه ۾ 2 رپيا 54 پئسا في ليٽر واڌ جي منظوري ڏني وئي آهي.

هن ٻڌايو ته گاسليٽ جي اگهه ۾ هڪ رپيو 39 پئسا في ليٽر واڌ جي منظوري ڏني وئي آهي، جڏهن ته لائيٽ ڊيزل هڪ رپيو 27 پئسا مهانگو ڪيو ويو آهي.

سندس چوڻ هو ته اوگرا پيٽرول جي اگهه ۾ 11.40 رپيا في ليٽر واڌ جي تجويز ڏني وئي هئي، وزيراعظم اوگرا سفارشن کي رد ڪندي عوام جي ڀلائي کي نظر ۾ رکندي اهو فيصلو ڪيو آهي.

Read Previous

ملڪ ۾ ڪورونا ڪيسن جي شرح 5 سيڪڙو کان وڌي وئي، 47 فوتگيون رپورٽ

Read Next

قطر ويندڙ پاڪستانين لاءِ خوشخبري

Most Popular