نيب ڪراچي تعليم ۽ صحت کاتي ۾ اربين رپين جي ڪرپشن جي جاچ جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڊائريڪٽر جنرل قومي احتساب بيورو (نيب) ڪراچي تعليم کاتي ۽ صحت کاتي ۾ اربين رپين جي ميگا ڪرپشن جي جاچ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

نيب طرفان جاري پڌرائي موجب ڊي جي نيب ڪراچي نجف قلي مرزا جي سربراهي ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڊي جي نيب 6 انڪوائريز کي جاچ ۾ تبديل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

پڌرائي موجب تعليم کاتي ۽ صحت کاتي ۾ اربين رپين جي ماليت جي ميگا ڪرپشن اسڪينڊل جي جاچ جي منظوري ڏني وئي.

نيب موجب تعليم ۽ صحت کاتي ۾ 11 غير قانوني ٺيڪا من پسند ماڻهن کي ڏنا ويا، آرڪائيو کاتي ۾ 2 ارب جي اسڪينڊل جي جاچ جي به منظوري ڏني وئي.

Read Previous

فلڪ مون کي اوچتو پرپوز ڪيو هو: سارا خان

Read Next

آزاد ڪشمير چونڊون: تحريڪ انصاف 3، پ پ ۽ ن ليگ هڪ – هڪ سيٽ تي ڪامياب

Most Popular