ڪراچي ۾ ڪورونا ڪيسن جي بلند شرح برقرار

ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسن جي وڌيل شرح برقرار آهي، 24 ڪلاڪن دوران به شرح 20 سيڪڙو کان وڌيڪ رهي آهي.

صحت کاتي جي ترجمان موجب ڪراچي ۾ گذريل 24ڪلاڪن ۾ 7 هزار 125 ٽيسٽون ڪيون ويون، جن مان 1476 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي ۽ ڪورونا جي هاڪاري ڪيسن جي شرح 20.72 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.

ترجمان جو چوڻ هو ته ڪراچي جي اسپتالن ۾ ڪورونا وارن وارڊن ۾ 50 سيڪڙو کان مٿي وينٽي ليٽر ۽ ايڇ ڊي يو ۾ مريضن جي گنجائش موجود آهي.

Read Previous

اينڊي فلاور شاهنواز ڏاهاڻي کي سون جي دل وارو انسان قرار ڏئي ڇڏيو

Read Next

سنڌ هاءِ ڪورٽ جو صوبي ۾ لاوارث لاشن جي ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائڻ جو حڪم

Most Popular