گرين بيلٽ ۽ ٻين جاين تان فورسز کي علائقا خالي ڪرڻ جو چيو آهي:فواد چوڌري

)سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته وزيراعظم ڪابينا اجلاس ۾ هدايت ڪئي آهي ته اسلام آباد ۾ گرين بيلٽ ۽ ٻين جاين تان حددخلين کي فوري طور هٽايو وڃي.

فواد چوڌري چيو ته نيوي کي پنهنجي بائونڊري گرين ايريا کان پوئتي هٽائڻ جو چيو آهي، جڏهن ته هوائي فورسز کي به چيو آهي ته پنهنجون ايراضيون ڇڏي وڃن.

هن ٻڌايو ته سرڪاري ادارن خاص طور تي اسلام آباد پوليس کي پنهنجون پوسٽون ختم ڪرڻ جو چئي ڇڏيو آهي.

Read Previous

وزيراعظم جو سنڌ ۾ وفاقي ادارن ذريعي ايڪشن پلان شروع ڪرڻ جو فيصلو

Read Next

شادي تقريب دوران وِڄ ڪرڻ سبب 16 ڄڻا فوت

Most Popular