شادي تقريب دوران وِڄ ڪرڻ سبب 16 ڄڻا فوت

بنگلاديش جي شهر شب گنج ۾ درياهه ڪناري ٿيندڙ شادي جي تقريب دوران وِڄ ڪرڻ سبب 16 ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن گھوٽ زخمي ٿي پيو.

ماهرن جو چوڻ آهي ته ٻيلن جو تيزي سان خاتمو ٿيڻ آسماني بجلي ڪرڻ جي وڌندڙ واقعن جو سبب آهي.

بنگلاديش ۾ هن وقت مون سون جون شديد طوفاني برساتون ٿي رهيون آهن.

ڏکڻ-اوڀر ضلعي ڪاڪس بازار ۾ هڪ هفتي کان جاري شديد برساتن سبب 20 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن.

بنگلاديش ۾ هر سال وِڄ ڪرڻ سبب ڪيترائي ماڻهو فوت ٿي ويندا آهن.

Read Previous

گرين بيلٽ ۽ ٻين جاين تان فورسز کي علائقا خالي ڪرڻ جو چيو آهي:فواد چوڌري

Read Next

سنڌ جي چئن نئين وزيرن حلف کڻي ورتو، وڏي وزير جا ٽي مشير به مقرر ڪرڻ جو اعلان

Most Popular